سگريٽ ڇڪڻ جي عادي ماڻهو کي اها عادت ڇڏڻ تمام گهڻو ڏکيو لڳندو آهي ۽ گهڻا ماڻهو سگريٽ واپرائڻ ڇڏي به ڏيندا آهن پر سگريٽ ڇڏڻ کان جسم ۾ ڪهڙيون تبديليون اينديون آهن؟
هڪ تازي تحقيق جي نتيجي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته سگريٽ ڇڏڻ کانپوءِ فوري طور تي انساني جسم ۾ هاڪاري تبديليون اچڻ شروع ٿي وينديون آهن.
ڦڦڙن جي مرضن بابت هڪ آمريڪي ايسوسيئيشن جي تحقيق جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته جسم ۾ هاڪاري تبديلين جي شروعات سگريٽ ڇڏڻ کانپوءِ کنئي ويندڙ پهرئين ئي ساهه سان شروع ٿي ويندي آهي.
ان جي ڪجهه هفتن ۽ مهينن ۾ جسم ۾ وڌيڪ خوشگوار تبديليون به ڏسڻ ۾ اينديون آهن.
تحقيق موجب ڪجهه ماڻهن لاءِ اوچتو سگريٽ ڇڏڻ صفا ڏکيو هوندو آهي، انهن کي يادداشت، ننڊ ۽ بُک ۾ گهٽتائي محسوس ٿيندي آهي ۽ ڪجهه ماڻهن کي وزن وڌندي به محسوس ٿيندو آهي.
ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جيڪي سگريٽ ڇڏڻ کانپوءِ شروعاتي طور تي ڊپريشن، انزائٽي ۽ صدمو محسوس ڪرڻ لڳندا آهن.
تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اهو رڳو ڪجهه ڏينهن لاءِ ٿيندو آهي، ان کانپوءِ جسم ۾ ڪاربن مونو آڪسائيڊ جي سطح معمول تي اچي ويندي آهي، جنهن کانپوءِ جسماني عضوا سٺي طريقي سان ڪم ڪرڻ لڳندا آهن.
پوءِ ايندڙ ٻن هفتن دوران رت ۾ بهتري ايندي آهي ۽ ڦڦڙ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ لڳندا آهن.
تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته سگريٽ ڇڪڻ جي عادت ڇڏڻ سان دل جي مرضن، دماغي بيمارين ۽ ڪينسر جي مختلف قسمن جا خطرا گهٽجي ويندا آهن.