پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان گورنر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جي ايڊوائس موڪلي ڇڏي.
محمود خان ان حوالي سان چيو آهي ته مان ملڪي مفاد ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو، عام چونڊن ۾ اڪثريت سان حڪومت قائم ڪنداسين.
هن چيو ته جيڪڏهن 48 ڪلاڪن ۾ صحيحون نه ڪيون ويون ته اسيمبلي پاڻ ئي ٽٽي ويندي.