حڪومتي عهديدارن تي ڪرپشن جا الزام، ويٽنام جي صدر عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ويٽنام جي صدر زوان فوڪ ڪرپشن جي خاتمي جي مهم دوران عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪميونسٽ پارٽي جو چوڻ آهي ته صدر زوان فوڪ 2016 کان 2021 تائين پنهنجي وزارت اعظميٰ دوران سينيئر وزيرن جي ڪرپشن جو ذميوار آهي.

ٻن نائب وزيراعظمن کي هلندڙ مهيني ئي ڪرپشن خاتمي جي مهم دوران برطرف ڪيو ويو هو.

ويٽنام ۾ ڪرپشن جي خاتمي خلاف جاري مهم ۾ ڪيئي اهم شخصيتن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گهڻي قدر ڪرشن جا الزام ڪورونا کان بچاءُ لاءِ کنيل حڪومتي قدمن تي آهن.

ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي پنهنجي بيان ۾ چيو ته صدر فوڪ اڳواڻ طور ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ٻن نائب وزيراعظمن سميت ڪجهه حڪومتي عهديدارن گهوٻين ۾ ملوث آهن.

هلندڙ مهيني قومي اسيمبلي ٻن نائب وزيراعظمن فيم بن ۽ ووڊوڪ کي سندن عهدن تان هٽائي ڇڏيو آهي، اٽڪل سوين عهديدارن ۽ واپارين کي ڪورونا ٽيسٽنگ ڪِٽ جي ورڇ واري دوران گهوٻين جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.