موبائل انٽرنيٽ رفتار سست هجڻ جون دانهون ڪندڙ پاڪستانين جي پريشاني ختم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ موبائل واهپيدار انٽرنيٽ جي رفتار گهٽ هجڻ جون دانهون ڪندا آهن پر ان حوالي سان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي اهڙي ڳالهه ڪري ڇڏي آهي جو ٻڌي توهان به ان رفتار سان پاڻ کي خوش قسمت سمجهندئو.

پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ موبائل انٽرنيٽ جي اسپيڊ ڀارت ۽ ٻين ايشيائي ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻي تيز آهي.

پي ٽي اي جي هڪ دستاويز موجب موبائل براڊ بينڊ اسپيڊ جي لحاظ سان پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي.

ان دستاويز ۾ دعويٰ ڪئي ئي آهي ته پاڪستان ۾ سراسري موبائل براڊ بينڊ ڊائون لوڊ اسپيڊ 20.84 ايم بي في سيڪنڊ آهي، پهرئين نمبر تي سريلنڪا آهي، جتي اها اسپيڊ 20.90 ايم بي في سيڪنڊ آهي.

دستاويز موجب ٽئين نمبر تي نيپال آهي، جتي اها اسپيڊ 20.60، چوٿين نمبر تي ڀارت ۽ اتي اسپيڊ 19.57، پنجين نمبر تي بنگلاديش آهي، جتي اها اسپيڊ 16.33 ايم بي في سيڪنڊ آهي.

ان وقت پاڪستان جي 78 سيڪڙو آبادي کي ٿري جي ۽ 75 کي فور جي انٽرنيٽ تائين پهچ حاصل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.