طالبان ٽوئيٽر تي بليو ٽڪ حاصل ڪرڻ تي ايلون مسڪ جا ٿورا مڃيا

طالبان ٽوئيٽر جي تصديق واري فيچر بليو ٽڪ جي استعمال لاءِ ادائيگين جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ هاڻي ڪجهه طالبان اڳواڻڻ جي ٽوئيٽر اڪائونٽس تي بليو ٽڪ موجود آهي.

برطانوي ميڊيا رپورٽس موجب افغانستان ۾ هاڻي تائين گهٽ ۾ گهٽ ٻه طالبان اڳواڻ ۽ انهن جا چار حامي اڪائونٽس بليو ٽڪ جو استعمال ڪري رهيا آهن.

رپورٽ موجب بليوٽڪ حاصل ڪندڙ طالبان حڪومت ۾ ”ڄان تائين پهچ“ جي کاتي جي سربراهه هدايت الله جو اڪائونٽ به شامل آهي.

هدايت الله جي اڪائونٽ جا هڪ لک 87 هزار کان وڌيڪ فالوورز آهن ۽ هو طالبان انتظاميا بابت سموري ڄاڻ باقاعدگي سان پوسٽ ڪندا آهن.

افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي سڌسماءُ ۽ ثقافت ۾ ميڊيا واچ ڊاگ جي سربراهه عبدالحق حماد جي اڪائونٽ تي به بليو ٽڪ آهي جنهن جي فالوورز جو انگ هڪ لک 70 هزار آهي. ٻئي پاسي طالبان جي مشهور حامين به بليو ٽڪ حاصل ڪري ورتو آهي.

طالبان اهلڪار جي طور تي مشهور محمد جلال به سومر تي پنهنجي پوسٽ ۾ ايلون مسڪ کي ساراهيندي لکيو ته ايلون مسڪ ٽوئيٽر کي ٻيهر عظيم بڻائي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.