پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ بالنگ ڪوچ وقار يونس ٽوئيٽر تي هڪ اڪائونٽ تان ٿيل بالنگ ڪوچ جي آڇ بابت ٽوئيٽ تي جواب ڏئي ڇڏيو آهي.
ٽوئيٽر تي هڪ واهپيدار لکيو هو ته پي سي بي بالنگ ڪوچ جي عهدي ۽ سليڪشن ڪميٽي ۾ ڪردار لاءِ وقار يونس سان رابطو ڪيو آهي.
Does not matter if I’m approached for the job you mentioned dear, what matters the most is your approach and selection of wards toward writing this tweet #Disappointed Sorry if have hurt your feelings 🙏🏽. https://t.co/ApZJeIcwCn
— Waqar Younis (@waqyounis99) January 17, 2023
جنهن جي جواب ۾ وقار يونس لکيو ته ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته جنهن عهدي جو ذڪر اوهان ڪيو آهي ان لاءِ مون سال رابطو ڪيو ويو آهي، جيڪا شيءِ اهم آهي اُها هن ٽوئيٽ لکڻ دوران اوهان جي سوچ ۽ جملن جي چونڊ مان ظاهر آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مون کي مايوسي ٿي، جيڪڏهن اوهان کي بُرو لڳو هجي ته مان معذرت ڪيان ٿو.
واضح رهي ته وقار يونس ماضي ۾ ڪيئي ڀيرا پاڪستان ٽيم جو ڪوچ رهي چڪو آهي.