يوٽيوب واهپيدارن کي نيٽ فلڪس جهڙو فيچر ڏئي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

يوٽيوب جي نئين اسٽريمنگ سروس سان هاڻي مفت ٽي وي شوز، فلمون ۽ چينلز ڏسڻ ممڪن ٿيندو.

رپورٽس موجب وڊيو اسٽريمنگ پليٽ فارم جي خيال تي عمل ڪرڻ لاءِ مختلف ڪمپنين سان گڏ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي ۽ ان سال جي آخر ۾ ان کي وسيع پيماتي تي لائنچ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

رپورٽ موجب سروس ۾ حصو وٺڻ واري ميڊيا ڪمپنين کي به اشتهارن سان گڏ ٿيڻ واري ناڻي مان حصو ڏنو ويندو. يوٽيوب جو چوڻ آهي ته اسان هميشا ڏسندڙن کي مواد تائين پهچ لاءِ نوان طريقا ڳوليندا آهيون.

يوٽيوب وٽ پهريون ئي اشتهار تي هلڻ واريون فلمون موجود آهن پر اها نئين سروس واهپيدارن کي مفت فلمون ۽ شوز جي واڌو رينج تائين پهچ فراهم ڪندي.

ان کان اڳ نومبر 2022 ۾ يوٽيوب پرائم ٽائيم چينلز جي نالي سان هڪ فيچر متعارف ڪرايو هو جنهن گوگل جي ملڪيت واري وڊيو شيئرنگ سروس تي 30 وڏيون اسٽريمنگ سروسز کان شوز ۽ فلمون ڏسڻ ممڪن بڻايو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.