سنڌ دوست اڳواڻ شهيد فاضل راهو کي وڇڙئي 36 ورهيه وهامي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ دوست اڳواڻ، پيڙهيل طبقي ۽ هارين جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ شهيد فاضل راهوءَ جي 36 هين ورسي ملهائي پئي وڃي.

ميڊيا رپروٽن موجب گولاڙچي ۾ اليڪشن سبب شهيد فاضل راهو جي ورسي سادگي سان ملهائي پئي وڃي.

شهيد فاضل راهو جي آخري آرامگاهه تي يارهين وڳي قرآن خواني ڪري سندس بلند درجن ۽ سنڌ سميت ملڪ جي ترقي توڙي خوشحالي لاءِ دعا گهري وئي.

شهيد فاضل راهو جي پٽ صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪئي.

گولاڙچي ۾ اليڪشن سبب شهيد فاضل راهو جي ورسي سادگي سان ملهائي پئي وڃي.

ٻئي پاسي شهيد فاضل راهو جا ساٿي ۽ پرستار سندس جدوجهد تي سماجي رابطن جي مختلف ويب سائيٽس تي کيس ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.

فاضل راهو جي جيون جي جهلڪ

فاضل راهو ولد احمد خان راهو جو جنم 1937ع ڌاري ڳوٺ راهوڪي ضلعي بدين ۾ ٿيو.

فاضل راهو جو تعلق هڪ غريب گهراڻي سان هو. سندس والد هاري هو، جنهنڪري غربت جي ماحول ۾ سندس تربيت ۽ تعليم ٿي ۽ هن هارين، مزدورن ۽ مسڪين ماڻهن کي ويجهي کان ڏٺو ۽ انهن جي جذبن جي مڪمل ڄاڻ ۽ پروڙ حاصل ڪيائين. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي بهادر، جفاڪش ۽ باهمت هو.

فاضل راهو صدر ايوب خان جي زماني ۾ بلدياتي چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. بعد ۾ يونين ڪائونسل ترائي جو چيئرمين ٿيو. 3 مارچ 1970ع تي نامور دانشور رسول بخش پليجي سان گڏجي ”سنڌي عوامي تحريڪ“ پارٽيءَ جو بنياد رکيائين.

 پاڻ هميشه سنڌ جي مظلوم طبقي لاءِ آواز اٿاريندو رهيو. هن سنڌ دشمن سازشن خلاف پڻ مڙس ٿي جنگ جوٽي.

جنرل ضياءَ جي مارشل لا کان نجات وٺڻ لاءِ پاڪستان جي پارٽين گڏجي ايم آر ڊي  جو وجود وڌو. ان لاءِ پڻ هن ڪافي پتوڙيو ايم آر ڊي ۾ مسلسل جدوجهد دوران کيس جيل موڪليو ويو. جتي ٽي سال جيل ۾ قيد رهيو ۽ عتاب هيٺ رهيو.

سنڌ جي عوامي ڪردار فاضل راهو کي 17 جنوري 1987ع تي گولاڙچي شهر ۾ ڪهاڙين جا وار ڪري شهيد ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.