قومي اسيمبلي ۾ ڪو اپ سيٽ نه ٿيندو، ڪراچي ۾ ميئر پ پ جو حق آهي: مراد علي شاهه

 

سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مڪاني چونڊون خطرن باوجود پرامن طريقي سان ٿي ويون، سنڌ جي عوام اسان تي اعتماد ڪري تاريخي فتح ڏياري.

سيوهڻ جي دوري دوران پنهنجي اباڻي ڳوٺ واھڙ ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي مراد علي شاهه چيو ته پي ٽي آءِ وارا آرام ۾ هئا ته سليڪٽ ٿي ويندا، 2018 ۾ انهن کي فرشتا ووٽ ڏئي ويا پر هاڻي ايئن نه ٿيو، صاف ۽ شفاف اليڪشن ٿي آهي، پي ٽي آءِ کي سڄي سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏيو، ڪراچي ۾ ميئر پ پ جو حق آهي.

هن چيو ته عمران خان اسيمبلين ۾ واپس اچي ته سٺي ڳالھه آهي پر هو صبح جو هڪ ۽ شام جو ٻي ڳالهه ڪندو آهي، ان جو نالو ئي يوٽرن خان آهي.

سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي ۾ ڪو به اپ سيٽ نه پيو ٿئي، قومي اسيمبلي ۽ سنڌ، بلوچستان جون صوبائي اسيمبليون پنهنجو مدو پوريون ڪنديون، پنجاب جي اسيمبلي ٽوڙي عمران پريشان آهي، پنجاب ۾ هاڻي نگران وڏي وزير جو معاملو هلي پيو، اپوزيشن ليڊر سان مشاورت ڪرڻي پوندي نه ته معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويندو.

وڏي وزير ڪراچي اندر اٽو 160 رپيا ڪلو ملڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته سڄي سنڌ ۾ اٽي چڪين کي ڪڻڪ جي فراهمي ڪئي آهي، اٽي جا ريٽ هاڻي گهٽ ٿيندا ۽ اميد آهي ته هاڻي اٽو سستو ملندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.