ممبئي(ويب ڊيسڪ) هڪ ڀارتي وزير جي مطالبي کانپوءِ بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان فيملي سان گڏ نئين فلم پٺاڻ ڏٺي آهي.
رپورٽ موجب مڌيا پرديش اسمبلي جي اسپيڪر گرش گوتم اداڪار کي چيلنج ڪيو ته هو پنهنجي ڌيءُ سهانا سان گڏ فلم ڏسي ڏيکاري.
View this post on Instagram
گرش گوتم اهو به چيو ته اداڪارا جي ڪپڙن جو رنگ اسان جي قوم لاءِ فخر جي سڃاڻپ آهي، ان جي بي حرمتي نه ڪرڻ گهرجي.
هن اداڪار کي چيلنج ڪيو هو ته هو پنهنجي فلم پٺان پنهنجي ڌيءُ سان ملي ڪري ڏکي ته مڃي ڇڏيندو ته ان فلم ۾ ڪجهه به غلط ناهي.
شاهه رخ خان پنهنجي فيملي لاءِ فلم ”پٺان“ جي خاص اسڪريننگ ڪرائي جتي سندس ٽئي ٻار فلم ڏسڻ لاءِ موجود هئا.
پٺان کي پهرين گاني جي ريليز کانپوءِ سخت تڪرار ڏي منهن ڏيڻو پيو هو، گاني ۾ دپيڪا پڊوڪون جي نازيبا ڪپڙن تي هندو قوم پرستن شديد تنقيد ڪئي آهي.
فلم 25 جنوري تي ريليز ڪئي ويندي ۽ ان ۾ شاهه رخ خان سان گڏ دپيڪا پڊوڪون ۽ جان ابراهم به مرڪزي ڪردار ادا ڪندي نظر ايندا.