2035 تائين اليڪٽرڪ گاڏين تي پابنديءَ لاءِ قانون جوڙڻ جو اعلان

آمريڪي رياست وائيومنگ پنهنجي تيل ۽ گيس جي انڊسٽري کي برقرار رکڻ لاءِ نئين بجلي تي گاڏين جي وڪري تي 2035 تائين پابندي هڻڻ لاءِ قانون سازي ڪئي پئي وڃي.

رپورٽ موجب اهو اعلان تڏهن ڪيو ويو جڏهن نيويارڪ، ڪيليفورنيا ۽ اورينگ سميت مختلف رياستن موسمياتي تبديلي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ روايتي ٻارڻ تي هلندڙ گاڏين جو وڪرو بند ڪيو آهي.

وائيومنگ جي اختيارين جو چوڻ آهي ته تيل ۽ گيس جي شعبي سان بي شمار ماڻهن جو روزگار ڳنڍيل آهي ۽ وائيومنگ جي تاريخ ۾ ان انڊسٽريءَ ناڻي ۾ وڏو حصو وڌو آهي.

بل ۾ اهو واضح ڪيو ويو آهي ته وائيومنگ ۾ چارجنگ اسٽينشز جو انگ گهٽ آهي ۽ بجليءَ وارين بيٽرين ۾ استعمال ٿيندڙ اهم اوزار سولائي سان ٻيهر استعمال يا ختم نٿا ڪري سگهجن.

سينيٽر جم اينڊرسن جي اڳواڻي ۾ قانون ٺاهيندڙ گروپ پاران اهي ڪارڻ پيش ڪيا ويا.

هن وقت رياست ۾ 100 کان وڌيڪ ڪمپنيون ان تي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ان انڊسٽري سان 68 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڳنڍيل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.