پ پ سميت سڀني سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي پر؟ جماعت اسلامي شرط رکي ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي فيصلو ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ پ پ سميت سڀني سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي پر ميئر جماعت اسلامي جو هوندو.

لاهور ۾ جماعت اسلامي جو اجلاس ٿيو، جنهن سراج الحق، حافظ نعيم وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ مڪاني چونڊن ۽ ان جي نتيجن تي بحث ڪيو ويو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ چيو ويو ته ڪراچي جي وڌيڪ 9 کٽيل سيٽن جو مڪمل نتيجو جماعت اسلامي وٽ آهي، جيستائين انهن 9 سيٽن جو فيصلو حق ۾ نٿو اچي، ميئر جي چونڊ جي ڳالهه اڳتي نه وڌندي.

اجلاس ۾ چيو ويو ته ميئر شپ لاءِ سڀني جماعتن سان ڳالهين جو آپشن موجود آهي، ن ليگ، آزاد ۽ ٻين جماعتن سان به ڳالهايو ويندو، پ پ سان به ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون پر ميئر اسان جو هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.