ريتڪ روشن 49 سالن جي عمر ۾ فٽ رهڻ جو راز ٻڌائي ڇڏيو

بالي ووڊ جو سپر اسٽار رتڪ روشن فٽ اداڪارن مان هڪ آهي ۽ هاڻي هن فٽ رهڻ جي راز کي وائکو ڪيو آهي.

رپورٽ موجب هڪ انٽرويو ۾ رتڪ روشن پنهنجي فٽنيس بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

انٽرويو ۾ هن کان پڇيو ويو ته سندس جسماني فٽنيس جو راز ڇا آهي؟ ڇا هو پروٽين سان ڀريل کاڌو کائيندو آهي، سخت ورزش ڪندو آهي يا ڪجهه ٻيو؟

ان جي جواب ۾ ريتڪ ٻڌايو ته ان جو راز بيزار ڪندڙ آهي. هنن چيو ته جسماني فٽنيس جو راز ڊسيپلن آهي، ان لاءِ بيزار ڪندڙ چيو ڇاڪاڻ ته فٽنيس جي پٺيان ڪا به جديد ٽيڪنيڪ ناهي پر صدين پراڻي تڪنيڪ يعني ڊسپلين آهي، زندگي لاءِ سندس مقصد فٽ ۽ خوش رهڻ آهي.

49 سالن جي اداڪار ٻيو اهو ٻڌايو ته مان دنيا جي ڪجهه سست ماڻهن مان هڪ آهيان، مان ايترو سست آهيان جو پاڻکي فٽ رکڻو پوندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.