بيجنگ ( ويب ڊيسڪ) چين ۾ هڪ ٻار هڪ خاندان واري پاليسي جي خاتمي باوجود ڇهن ڏهاڪن ۾ پهريون ڀيرو آبادي ۾ گهٽتائي آئي آهي.
چيني شماريات کاتي موجب 2022ع ۾ چين جي آبادي ۾ 1961 بعد پهريون ڀيرو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، گذريل سال چين جي آبادي اٺ لک پنجاهه هزار ماڻهو گهٽجڻ سان 1.41ارب ٿي وئي آهي.
گذريل سال سڄي چين ۾ 95 لک 60 هزار ٻار پيدا ٿيا جڏهن ته هڪ ڪروڙ 4 لک کان وڌيڪ شهري وفات ڪري ويا.
چين جي شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته اڃا به چين جي افرادي قوت گهرج کان وڌيڪ آهي ۽ ماڻهن کي آبادي ۾ گهٽتائي جي حوالي سان پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي.