وزن گهٽ ڪيو ته ماڻهن موالي سڏڻ شروع ڪيو: فيصل قريشي

مشهور اداڪار فيصل قريشي چيو آهي ته جڏهن هن پنهنجو وزن گهٽ ڪيو ته ماڻهن کيس نشئي ڪوٺڻ شروع ڪيو ته منشيات واپرائڻ شروع ڪيو آهي.

رپورٽ موجب فيصل قريشي تازو ئي خانگي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام ۾ شريڪ ٿيو جنهن دوران ميزبان کيس ٽن اداڪارائن (مديحا امام، اشنا شاهه ۽ سجل علي) جا نالا ٻڌايا ته هو انهن مان ڪنهن سان شادي، ڪنهن کي ڊيٽ ۽ ڪنهن کي قتل ڪرڻ چاهيندو؟ جنهن تي فيصل چيو ته هو ڪنهن کي ڇو قتل ڪرڻ چاهيندو؟

فيصل قريشي تفصيل ۾ ٻڌايو ته اشنا جي شادي ٿي رهي آهي ۽ مديحا جي نٿي ٿئي جيئن مديحا اشنا مان ڪنهن کي بهتر لڳي ته ڪري ڇڏي، ڊيٽ تي اشنا شاهه سان ويندس جڏهن ته سجل علي کي نظرانداز ڪندس.

ٻئي پاسي فيصل قريشي پاڻ سان ڳنڍيل منشيات جي افواهن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته هڪ ڀيرو جڏهن  هن پنهنجو وزن گهٽ ڪيو ته ماڻهن ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو ته هن منشيات واپرائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪير هنن کي ٻڌائي ته هنن وٽ کائڻ جو وقت به ناهي ته هو منشيات ڪيئن واپرائيندا.

هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ڪو به ماڻهو ڪنهن لاءِ به ڪجهه به ڳالهائي ڇڏيندو آهي جيڪو کين نه چوڻ گهرجي نه وري ماڻهن کي اهڙيون افواهون پکيڙڻ گهرجن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.