ڪي ڪي ماڻهو پالتو جانورن جو ڏاڍو خيال ڪندا آهن ۽ انهن سان محبت ۾ هر حد پار ڪندا آهن، اهڙو ئي ڪجهه ڀارت ۾ به ٿيو، جتي هڪ ڪتي جي دهل دمامن سان شادي ڪرائي وئي، جنهن تي هزارين رپيا خرچ به ڪيا ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو اتر پرديش رياست ۾ پيش آيو، جتي 7 مهينن جي ڪتِي جيلي جي شادي ٽومي نالي ڪتَي سان ڪرائي وئي.
سوشل ميڊيا تي شادي جي وڊيو به وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪتن جي مالڪن جي فيملين طرفان دهل تي رقص به ڪيو پيو وڃي.
#WATCH | A male dog, Tommy and a female dog, Jaily were married off to each other in UP’s Aligarh yesterday; attendees danced to the beats of dhol pic.twitter.com/9NXFkzrgpY
— ANI UP/Uttarakhand (@ANINewsUP) January 15, 2023
رپورٽن موجب ڪتن جي جوڙي کي فيملين طرفان هار به پارايا ويا، جڏهن ته جيلي جي مالڪن هندو رسم موجب ٽومي کي ٽڪو به لڳايو.
ان موقعي تي ٽومي جي مالڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته مڪر سڪرانتي جي تهوارجي موقعي تي شادي ڪرائي وئي آهي ۽ پاڙي جي ڪتن ۾ ديسي کاڌو به ورهايو ويو آهي، جڏهن ته ان تقريب تي تقريبن 40 کان 45 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا آهن.