”زال نابينا آهي پر 30 سالن ۾ ٻي شادي جو خيال به ناهي آيو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سچي محبت جون ڪهاڻيون ته گهڻيون آهن پر ان جو تازو مثال ضلعي بکر جي تعلقي منڪيرا ۾ ڏٺو ويو آهي.

هتي هڪ غريب ڪٽنب آهي جن جو گذر رڳو چار پنج رپين ٿئي ٿو، ههڙي ڏکيائي باوجود همراهه پنهنجي اکين جي نور کان محروم زال جو 30 سالن کان خيال رکي رهيو آهي ۽ ٿوري دير لاءِبه زال کي پاڻ کان پري ناهي ڪندو.

ڳوٺاڻي عاشق حسين جي زال 25 سال کن اڳ معذوري جو شڪار ٿي، اکين جي نور کان محروم ٿي وئي ته پر سندس مڙس کي سهارو ڏنو، هن جي مڙس جي دل ۾ خدا محبت پيدا ڪئي آهي جيڪا اڄوڪي دور ۾ ملڻ ڏکي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.