نيپال جهاز حادثو: عورت پائلٽ جو مڙس به 16 سال اڳ ان ئي ايئرلائن جي حادثي ۾ فوت ٿي چڪو

 

نيپال ۾ تازو يٽي ايئر لائنز جو جهاز ڪِري تباهه ٿيو، جنهن ۾ 72 مسافر سوار هئا ۽ بدقسمتي سان حادثي ۾ ڪير به نه بچي سگهيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب جهاز جي مددگار پائلٽ انجو کاٽيوڙا جو مڙس به پائلٽ هو، جيڪو 16 سال اڳ 2006 ۾ ان ئي ايئر لائن جي حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو.

رپورٽ موجب ايئر لائن ڪمپني جي ترجمان سودرشن برٽولا تصديق ڪئي ته عورت پائلٽ انجو کاٽيوڙا 16 سال اڳ پنهنجي مڙس پائلٽ ديپڪ پوکرل جي فضائي حادثي ۾ موت کانپوءِ ملندڙ انشورنس جي رقم مان جهاز اڏائڻ جي تربيت حاصل ڪئي هئي.

هن ٻڌايو ته انجو کاٽيوڙا 2010 ۾ يٽي ايئرلائنز ۾ شموليت اختيار ڪئي، آچر ڏينهن تباهه ٿيندڙ جهاز ۾ مددگار پائلٽ طور موجود هئي.

رپورٽ موجب فوت ٿي ويل 72 مسافرن مان هيل تائين 68 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته عورت پائلٽ جو لاش اڃا تائين ناهي ملي سگهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.