عمران خان گرفتار ٿيندو يا نه؟ راڻا ثناءُ الله واضح ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري عدالتي حڪم سان جوڙي ڇڏي.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب جي عوام کي مبارڪ هجي ته سڀ کان وڏي ڦورو، فرح گوگي راڄ جو خاتمو ٿيو.

عمران خان جي گرفتاري تي سندس چوڻ هو ته ان جا ڪيس عدالتن ۾ آهن، عدالتون گرفتاري جو حڪم ڏين ته گرفتاري ٿيندي.

هن چيو ته اسان عمران خان کي اڳ ئي چيو هو اليڪشن ۾ اچو، پي ٽي آءِ جي 10 کان 12 ماڻهن اسان سان رابطو ڪيو، اهي اسيمبلي نه پيا ٽوڙڻ چاهين، گورنر آئيني حق استعمال ڪندي اعتماد جي ووٽ جو چيو.

راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان ڀرپور انداز ۾ چونڊ وڙهنداسين، چونڊ مهم شروع ٿيندي ته سڀني کي خبر پوندي ن ليگ جو ووٽر متحرڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.