محمد عباس مسلسل ڪارڪردگي ڏيکارڻ باوجود ٽيم ۾ جاءِ نه ملڻ تي ڏُکارو

سيالڪوٽ( ويب ڊيسڪ ) ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد عباس چيو آهي ته ڪنهن رانديگر علائقائي ڪرڪيٽ جو جو پورو سيزن کيڏيو، ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري هجي ۽ پوءِ به قومي ٽيم ۾ موقعو نه ملي ته محسوس ٿيندو آهي ته هڪ فطري ڳالهه آهي، مون کي به افسوس ٿيو.

هلندڙ سيزن ۾ اميد هئي ته محمد عباس کي قومي ٽيم ۾ موقعو ملندو پر هوم ٽيسٽ سيريز ۾ کيس نظرانداز ڪيو ويو.

نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي فاسٽ بالر محمد عباس چيو ته ٻه هزار ٻاويهه جي سيزن ۾ پهريان همشائر ڪائونٽي طرفان ٻارنهن ميچن ۾ پنجاهه وڪيٽون حاصل ڪيون، وري قائد اعظم ٽرافيءَ جي ڇهن ميچن مان ٻه برسات جي ور چڙهي ويون، مان ٻه ڀيرا اننگز ۾ پنج، پنج وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ سڄو سيزن کيڏيس.

هن چيو ته همشائر ڪائونٽس سان ٻن سالن جو معاهدو هو ۽ هاڻ واري وڌيڪ ٻن سالن جو معاهدو ٿي ويو آهي.

فاسٽ بالر چيو ته محنت جاري رکندس، ٽيم ۾ چونڊجڻ منهنجي وس ۾ نه آهي، مون کي محنت ۽ پرفارم ڪرڻو آهي اُهو مان ڪندو رهندس.

هن چيو ته ڪوشش ڪندو آهيان ته جيڪو پهريان ڪري چڪو آهيان، ان ۾ بهتري آڻيان، منهنجو ڪنهن سان مقابلو ناهي، مونکي رڳو پاڻ کي هارائڻو آهي انڪري محنت ڪندو آهيان.

محمد عباس چيو ته مون جيڪا محنت ڪئي ۽ ڪارڪردگي ڏيکاري يقين هو ٽيم ۾ چونڊجي ويندس پر موقعو نه مليو، مان پنهنجي پرفارمنس مان مطمئن آهيان پر چونڊجڻ منهنجي هٿ وس نه آهي.

هن فاسٽ بالرن کي صلاح ڏيندي چيو ته کين پنهنجي معيار ۽ فٽنس تي ڪم ڪرڻ کپي، انڪري هو علائقائي ڪرڪيٽ ۾ حصو وٺن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.