عدالتون حڪم ڏين عمران خان کي گرفتار ڪنداسين: گهرو وزير  

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري عدالتي حڪم سان منسوب ڪري ڇڏي.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته پنجاب جي عوام کي وڌايون ڏيان ٿو ته صوبي جو سڀ کان وڏو ڌاڙيل ۽  فرح گوگي جي راڄ جو خاتمو ٿيو، ڪي پي ۾ اڇو بوزدار آهي منهنجي خيال ۾ اُهو به هڪ ٻن ڏينهن ۾ هليو ويندو.

هن چيو ته عمران خان جا ڪيس عدالتن ۾ آهن، عدالتون گرفتاري جو حڪم ڏينديون ته کيس گرفتار ڪيو ويندو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڏهه کان ٻارنهن ماڻهو اسان سان رابطو ڪيو آهي هو اسيمبلي نٿا ٽوڙڻ چاهين، گورنر آئيني حق استعمال ڪندي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چيو، اسان چونڊن ۾ ڀرپور مقابلو ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.