تحريڪ انصاف ۾ ضم ٿيڻ تي پرويز الاهي کي ڪهڙو عهدو ملندو؟ پاڻ ٻڌائي ڇڏيائين

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي انڪشاف ڪيو آهي ته تحريڪ انصاف ۾ ضم ٿيڻ جي صورت ۾ عمران خان کيس پارٽي صدر بڻجڻ جي آڇ ڪئي آهي.

لاهور ۾ هڪ تقريب سان خطاب ڪندي پرويز الاهي چيو ته عمران خان پارٽي صدر بڻجڻ جي دعوت ڏني آهي پر اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ٿيو.

هن چيو ته ق ليگ جا سمورا 10 پنجاب اسيمبلي ميمبر ۽ ٻيا عهديدار پنهنجي تڪن ۾ وڃي مشاورت ڪري جواب ڏيندا، اسان کي نوٽيس ڏيندڙن کي اڳ ئي تڪليف ٿي وئي آهي پر کين موقعو نه ملندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.