پيرجوڳوٺ: غريب عورتن جي پئسن مان ڪٽوتي، ڇاپا، 4 ايجنٽن جون ڊوائيسز بلاڪ

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرڳوٺ ۽ آس پاس جي شهرن احمدپور، صدرجي ڀٽيون، پريالوءِ، وڏا مهيسر، ڊرٻ ميهر شاھ، ڪولاب جيئل ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت قسط هلندڙ آهي. جڏهن ته مستحق عورتن جي رقم مان 500 کان هڪ هزار تائين ڪٽوتي جاري آهي. جڏهن ته مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي جي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪنگري نسيم احمد ڪانهر پيرڳوٺ، پريالوءِ، وڏا مهيسر ۽ اوچتو ڇاپا هڻي 4 ايجنٽن جون ڊوائيسون بلاڪ ڪرائي ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪنگري نسيم احمد ڪانهر چيو ته مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. ڪٽوتي جي شڪايتن تي ڪارروائي ڪري رقم واپس ڪرائڻ سان گڏ 4 ڊوائيسون بلاڪ ڪرائي ڇڏيون آهن جن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.