مٺياڻي لڳ اٽي جو اگهه وڌي ويو، ڏهاڙيدار طبقو پريشان

مٺياڻي ( ن ع آ ) مٺياڻي ۾ اٽي جو اگھه آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳو شھر جي واپارين سرڪاري اعلانن کي ھوا ۾ اڏائي اٽو 130 کان 140 رپين ۾ وڪرو ڪرڻ لڳا، جنھن سبب ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت طبقو  سخت پريشاني جو شڪار آهي،  سرڪار پاران غريبن جي نالي تي اربين رپيا سبسڊي ڏئي سستي اگھه تي اٽو وڪرو ڪرڻ لاءِ ڪي به اسٽال نه لڳايا آهن، ٻئي طرف  شھر جي يوٽيلٽي اسٽور تان اٽو غائب ٿي ويو آھي، اٽي جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ سبب مزدور طبقو جيڪو روز 500 رپيا ڏھاڙي تي مزدوري ڪن ٿا، انھن جي گھرن جا چلھا ٿڌا ٿي ويا، جنھن سبب گھر ڀاتي ويلن تي گذارو ڪرڻ تي مجبور آھن، پورهيتن  مطالبو ڪيو سستي اٽي جا اسٽال لڳائي پورهيت طبقي کي رليف ڏنو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.