سکر ( رپورٽ: آزاد مهر ) روهڙي ٿاڻي جي حد لوڪوشيڊ ۾ چئن نامعلوم اسلحي بردار واردات جي نيت سان گهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس جي بروقت پهچڻ تي ڏوهارين فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهنجي نتيجي ۾ پنهنجي ساٿي جي فائرنگ سان هڪ ڏوهاري يوسف جاگيراڻي موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته ٻيا ڌاڙيل فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پوليس موجب مارجي ويل ڌاڙيل ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هو جنهن کان هٿيار ۽ گوليون پڻ برآمد ڪيون