مڪاني چونڊون: ڪي اين شاهه ۾ پيپلزپارٽي جا 12 ۽ پي ٽي آءِ 2 چيئرمين ڪامياب

خيرپورناٿن شاهه ( رپورٽ: آزاد بخاري) مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي ۾ خيرپورناٿن شاه جي 15 يونين ڪائونسلن مان 02 پ پ اميدوار يونين ڪائونسل ڇوڙ قمبر ۾ فرمان علي چانڊيو ۽ يونين ڪائونسل ٻورڙي ۾ اسد علي جوڻيجو بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا جڏهن ته يوسي سنڌي ٻٽڙا تي وائيس چيئرمين جي وفات تي چيئرمين جي اميدوارن جي اليڪشن نه ٿي سگهي باقي 12 يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن جي چونڊون ٿيون جنهن ۾ پ پ جا 12 چيئرمين ڪامياب ٿيا جڏهن ته پي ٽي آءِ جا ٻه چيئرمين اميدوار ڪاميابي ماڻي آهي ، يونين ڪائونسل ڪنڊيچکي ۾ پ پ جي چيئرمين اميدوار ٻيڙو خان گاڏهي 1665 ، پ پ ضلعي ميمبر سڄڻ خان نائچ 1722 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيا جڏهن ته سندن مقابلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين اميدوار سجاد علي نائچ 1629 ۽ ضلعي ميمبر عابد حسين ٻٻر 1564 ووٽ کڻي سگهيا، يونين ڪائونسل گاڏهي ۾ پ پ چيئرمين اميدوار ايڊوڪيٽ همت علي گاڏهي 2014 ۽ پ پ ضلعي ميمبر بابو عبدالرحمان چانڊيو 2119 ووٽ کڻي ٻي ڄڻا ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته سندن جي مقابلي ۾ پي ٽي آء اميدوار ڊاڪٽر فياض گاڏهي 1395 ۽ ضلعي ميمبر دلاور خان گاڏهي 1443 ووٽ کڻي سگهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.