ٽنڊومحمدخان ۾ يونين ڪائونسلن جي 11 سيٽن تي پ پ ڪامياب

ٽنڊومحمدخان ( رپورٽ اويس حيدر شورو) ٽنڊومحمدخان ضلعي جي 28 يونين ڪائونسلن جي مڪاني چونڊن ۾ 16 سيٽن تي چونڊون پيپلز پارٽي 11 سيٽون کڻي  ڪامياب 3 آزاد ، ۽ هڪ هڪ سيٽ تي پي ٽي آئي ۽ جي ڊي اي جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمينن ڪاميابي ماڻي ورتي 12 يوسيز تي اڳ ئي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ڪامياب ٿي چڪا ضلعي ڪائونسل جي 28 سيٽن مان 24 تي پ پ اميدوار ڪامياب هڪ پي ٽي آئي ،هڪ جي دي اي ۽ 2 آزاد اميدوار ڪامياب يونين ڪائونسلن جي  112 جنرل ڪائونسلرن مان 86 تي پ پ جا اميدوار ڪامياب 7 سيٽن تي جي ڊي اي 4 هڪ جي يو آئي ۽ 14 آزاد جنرل ڪائونسلر چونڊجي ويا آهن ٽنڊومحمدخان ضلعي جي مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي پوري ضلعي اندر اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي 23 يونين ڪائونسلن تي پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن هڪ جي ڊي اي هڪ پي ٽي آئي ، 3 آزاد اميدوار ڪاميابي ماڻي آهي ضلعي ڪائونسل تي 24 پ پ ،هڪ پي ٽي آئي هڪ جي ڊي اي ۽  3 آزاد اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.