سنڌڙي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف مختلف ڳوٺن ۾ پوليو مهم جو بائيڪاٽ

سنڌڙي (رپورٽ: ڪاشف علي شر) سنڌڙي ۾ برساتي ٻوڏ کي 5 ميھنا گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نہ ڪرڻ خلاف 2 يوسين ۽ ھڪ ٽائون ڪميٽي جي وارڊ جي ڳوٺن ۾ پوليو مھم جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي، يوسي اسماعيل ڪنڀر جي ديھ تگوسر جي ڳوٺ مٺا خان شر، ولي محمد پھوڙ، عبدالله پنھور، ديھ پلنگو ۾ ڳوٺ عطر مري، واحد بخش مري يوسي سرھل جي ديھ ڀنوسر، سرھل جي ڳوٺ يار محمد ڀيو، الھ بخش نوھڙي، ملوڪ پھوڙ سميت ھنڱورنو ٽائون جي مختلف ڳوٺن ۽ کيراھو يوسي ۾ پڻ پوليو مھم جو بائيڪاٽ ھزارين ٻارڙا پوليو جا قطرا پئيڻ کان رھجي ويا، يوسي چيئرمين عبدالڪريم شر، جي يو آءِ اڳواڻ رفيق سومرو، ابراهيم ڀيو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اسانجو مطالبو فقط ھڪڙو آھي ته اسانجي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي، سخت سردي سبب بيٺل پاڻي ڪري ٻار مري رھيا آھن جيڪو مسئلو پوليو کان وڌيڪ خطرناڪ آھي، پوليو جون آيل ٽيمون ڳوٺاڻن جي انڪار بعد واپس روانيون ٿي ويون، ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او، اي سي ھنڱورنو جي وزٽ ڪرڻ بعد ٻارھون ميل اسٽاپ تي پھتا، ٽيمون ٻيھر موڪلڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي، ڊي سي ميرپورخاص، ڊي ايڇ او ميرپورخاص ۽ اي سي سنڌڙي کان موقف وٺڻ لاءِ فون ڪيا پر ڪال اٽينڊ نه ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.