جوهي: مڪاني چونڊن واري اليڪشن عوام سان مذاق هئي: آزاد اميدوار 

جوهي ( ن ع آ ) جوهي ميونسپل ڪاميٽي وارڊ 4 جي آزاد اميدوار روشن علي باهوٽو نيشنل پريس ڪلب جوهي ۾ پريس ڪانفرنس دوران الزام ھڻندي چيو آھي ته بلديات اليڪشن جي ٻئي مرحلي ۾ گذريل ڏينهن جيڪا اليڪشن هئي اها عوام سان مذاق هئي، پ پ حڪمران ڌر جي عوام مٿان مڙھيل ڪائونسلرن کي عوام نه بلڪ سرڪاري مشينري ٺپي بازي ۽ ٻيا هٿ ڪنڊا استعمال ڪندي ڪامياب ڪرايو آھي، مونکي وارڊ چار تي پ پ سرڪار ۽ ڌانڌلي ذريعي هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت هارايو ويو آھي، هن چيو ته  هڪ طرف منهنجي وارڊ 4 ۾ ووٽرن ڌمڪائي ھيسائي پوليس جو استعمال ڪري گهرن تائين محدود رهڻ جو چيو مونکي هٿ ٺوڪي رزلٽ ذريعي هارايو ويو آھي وارڊ چار جي عوام ۽ باهوٽه برادري سميت مختلف  سمورين برادرين  مونکي ووٽ ڏنا آھن .وارڊ 4 تي پ پ ڪائونسلر اميدوار جي شڪست يقيني هئڻ ڪري متاثرن بي پهچ ماڻھن جو لڪايل امداد اصل حقدارن ۾ ڏيڻ بجاءِ اهي راشن جا ٽوڪن ڊي ايس پي جوهي بشير احمد کونهارو جي نگراني ۾ ووٽرن ۾ انڌيري رات جو تقسيم ڪيا ويا جيڪي اسان وٽ پڪا ثبوت آھن، هن وڌيڪ الزام هنيو ته پولنگ تي اهڙو عملو مقرر ڪيو ويو جنهن کي سواءِ پ پ جي ٻيو ڪو به اميدوار نظر ئي نه پيو اچي

مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي: لياقت جتوئي جي اڳواڻي ۾ ريلي

ميھڙ(رپورٽ: فراز چنا) پي ٽي آءِ پاران چونڏن کٽڻ جي سلسلي ۾ اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ لياقت علي جتوئي، نياز علي ٻرڙو ، ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر جي اڳواڻي ۾ ٻيٽو جتوئي کان ميھڙ تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ ميھڙ ميونسپل توڙي يونين ڪائونسل تي چونڊون کٽندڙ اميدوارن سميت وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن ووٽرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي  آءِ ڪارڪنن زبردست نعريبازي ڪئي، ريلي کي خطاب ڪندي ۽ عوامي آواز ميڊيا گروپ سان ڳالھائيندي اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي چيو ته پ پ پ وارا ڌانڌلي جي پيدوار آھن، ھن وقت ھارائڻ کانپوءِ به ڪوشش ڪري رھيا آھن ته ڪا نه ڪا ڌانڌلي ڪريون پر شڪست سندن مقدر بڻجي چڪي آھي. ھي ڪرپشن جا ماھر آھن، ھنن علائقا تباھ ڪيا آھن اسان نه صرف ميھڙ ،دادو نه پر پوري سنڌ کٽينداسين، ھنن ماڻھن سان ويساھ گھاتي ڪئي آھي، ھاڻي سندن ڪرپشن جو دور ختم ٿيڻ وارو آھي، سندن مقدر ۾ خواري ۽ جيل آھي، ريلي کي نياز علي ٻرڙو ، ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر . سيد الطاف شاھ اسماعيل بروھي ۽ ٻين خطاب ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.