ٽائون ڪميٽي مٽياري تي پ پ کي شڪست، جي ڊي اي ميدان ماريو

مٽياري(ڊ  ر) مٽياري ضلعي ۾ بلدياتي چونڊن جا حتمي ۽ سرڪاري نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن جنھن مطابق ضلعي ۾ پيپلزپارٽي واضح اڪثريت ماڻي ورتي آهي جڏھن ته ضلعي ھيڊ ڪوارٽر ٽائون ڪميٽي مٽياري تي جي ڊي اي پيپلزپارٽي کي اپ سيٽ شڪست ڏئي ٽائون ڪميٽي کٽي ورتي آهي حتمي نتيجن مطابق مٽياري ضلعي جي 30 ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي سيٽن مان 23 تي پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن جڏھن ته ھڪ تي جميعت علماءِ اسلام ۽ 5 سيٽون آزاد اميدوار کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ان کان سواء چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي 30 سيٽن مان 24 سيٽن تي پاڪستان پيپلز پارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن جڏھن تہ 5 سيٽن تي آزاد اميدوار ۽ ھڪ سيٽ تي جميعت علماءِ اسلام جا اميدوار سوڀارا ٿيا آهن ضلعي ھيڊ ڪوارٽر مٽياري جي ٽائون ڪميٽي تي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پيپلزپارٽي کي اپ سيٽ شڪست ڏئي ٽائون ڪميٽي مٽياري کٽي ورتي آهي ٽائون ڪميٽي مٽياري جي 7 وارڊن مان 4 سيٽن تي جي ڊي اي جا اميدوار سوڀارا ٿيا جڏھن تہ ٻن تي پيپلزپارٽي ۽ ھڪ تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيو ٽائون ڪميٽي کيبر جي 3 وارڊن مان 2 وارڊن تي پيپلزپارٽي جڏھن تہ ھڪ وارڊ تي جي يو آئي اميدوار ڪامياب ٿيا ٽائون ڪميٽي اڏيرو لال اسٽيشن جي ٽنھي وارڊن تي پيپلزپارٽي اميدوار ڪامياب ٿيا آهن ضلع مٽياري کي واحد ميونسپل ڪميٽي ھالا جي 16 ئي وارڊن تان پيپلزپارٽي جي اميدوارن ڪلين سئيپ ڪري ڪاميابي ماڻي ٽائون ڪميٽي ھالا پراڻا جي 5 وارڊن مان 4 وارڊن تي پيپلزپارٽي جڏھن تہ ھڪ وارڊ تي مسلم ليگ نواز جو اميدوار ڪامياب ٿي ويو ان کان سوا  ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاھ جي 7 وارڊن مان 5 وارڊن تي پيپلزپارٽي جڏھن تہ 2 وارڊن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿي چڪا آهن جڏھن تہ ٽائون ڪميٽي نيو سعيد آباد جي 6 وارڊن مان 5 وارڊن تي پاڪستان پيپلز پارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا جڏھن تہ ھڪ سيٽ تي جي ڊي اي اميدوار سوڀارو ٿي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.