خيرپور ۾ عورت فنڪارائن جو حملي خلاف احتجاج

خيرپور(ڊ ر)  خيرپور جي بي سيڪشڻ ٿاڻي جي حد نم موڙ وٽ رهندڙ مقامي عورت فنڪارائن پاران هٿياربندن طرفان گھر تي حملو ڪري سندن مٿان سخت مارڪٽ  ڪرڻ واري واقعي خلاف وارثن سان گڏ پريس ڪلب خيرپور پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، فنڪارائن صحافين کي ٻڌايو ته گذريل رات دير سان نامعلوم هٿياربندن فنڪاره سائره صنم،عابده بهار، شمع ناز ۽ انهن جي گھر وارن تي حملو ڪري پسٽل جا بٽ هڻي کين سخت زخمي ڪري ڇڏيو ۽ هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، هنن ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو کان مطالبو ڪندي چيو ته حملو ڪندڙ هٿياربند ن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.