يونين ڪائونسل ڪڪڙ تي پ پ جي سموري پئنل ميدان کٽي ورتو

ڪڪڙ (ن ع آ) يونين ڪائونسل ڪڪڙ تي پ پ جي سموري پئنل ميدان کٽي ورتو، بلدياتي چونڊن جي ٻي مرحلي دوران يونين ڪائونسل ڪڪڙ تي پ پ جا اميدوار کٽي ويا غير سياسي غيرحتمي طور پ پ جي اميدوار چئيرمين امجد علي ھنڱورو ووٽ 2499تحريڪ انصاف پارٽي طرفان منير ڀرڳڙي صرف ووٽ 558 کڻي کين شڪست ملي ۽ جنرل ڪائونسلر تي ٻنھي وارڊن سٽي ڪڪڙ ۽ ٻھراڙي تي پ پ جا اميدوار ڪاميابي ماڻي ورتي جن ۾ زاھد سولنگي ۽ غلام حيدر بروھي شامل آھي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ لاءِ پ پ جو اميدوار امام بخش قمبراڻي ڪاميابي حاصل ڪئي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ لاءِ 4اميدوارن حصو ورتو جن ۾ پ پ جو امام بخش قمبراڻي 2138 تحريڪ انصاف جو لياقت قمبراڻي419 آزاد اميدوار وڪيل نويد جويو 402 صرف کڻي سگھيا ۽ رياض سمون 73ووٽ کنيا 2ڪائونسلر اڳ ئي پ پ جا ڪامياب ٿيل آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.