مديجي واسي نوجوان گهروارن سان ڪاوڙجي آپگهات ڪوشش ڪئي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) مديجي شهر ۾ 24 سالن جي نوجوان جهانگير حسين پٽ خدابخش بروهي مبينا طور معمولي ڳالهه تان گهر وارن سان ڪاوڙجي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي گهر اندر تڙپندي ڏسي گهر ڀاتين کيس کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي جنهن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. ان موقعي تي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙن نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته جهانگير حسين جي اڄ صبح سان پنهنجي گهر وارن سان معمولي ڳالهه تان منهن ماري ٿي هئي جنهن کان پوءِ ڪاوڙ ۾ اچي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.