لکي مان پوهيت اغوا، پيرا ڪچي ۾ گم، وارثن جو سکر-شڪارپور روڊ تي ڌرڻو. احتجاج

لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان مهر) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻورڙي واسي 50 ورهين جي ديدار سيٺار کي اڻڄاتل هٿياربند ڳوٺ ويجهو پير دادلو وٽان مڇي جي فارم تان اغوا ڪري ورتو صبح جو گهر نه پهچڻ تي وارثن سنڀال ڪئي ته پورهيت جو سامان ٽارچ وغيره پيل هئي پاڻ غائب هو، سندس ڀاءُ عبدالغني سيٺار پاران رستم پوليس کي ڀاءَ جي اغوا ٿيڻ جو اطلاع ڏنو جنهن بعد رستم ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پيرا کڻي ڪچي واري علائقي ۾ گم ڪرڻ بعد واپس ٿي. مغوي پورهيت جي ڀاءُ عبدالغني سيٺار جي اڳواڻي ۾ سيٺار برادريءَ جي سوين ڳوٺاڻن ٽريڪٽر ٽراليون ڀري سکر شڪارپور روڊ تي پهچي زيرو پوائنٽ وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. جنهن سبب سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، اي ايس پي سٽي سيد فاضل شاهه ۽ ڊي ايس پي لکي غلام شاهه اقبال شيخ پهچي ٽن ڏينهن جي مهلت بعد روڊ خالي ڪرائي ڇڏيو. مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان انتهائي مسڪين ماڻهو آهيون .رستم پوليس صبح کان وٺي تال مٽول ڪري رهي آهي، جنهن ڪري مجبور ٿي احتجاج ڪيو، جيڪڏهن پوليس ٽن ڏينهن ۾ مغوي کي بازياب نه ڪرايو ته ٻيهر سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.