آريجا لڳ هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ۽ موبائيل ڦر

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) باقراڻي ٿاڻي جي حد موهن جو دڙو ايئرپورٽ روڊ حيدر بروهي لڳ ٽيلينار ٽاور وٽان باقراڻي واسي استاد امتياز علي عباسي ۽ زاهد علي چنا لاڙڪاڻو کان واپس باقراڻي اچي رهيا هئا ته 4 نامعلوم هٿياربند ڦورن کين  هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي سندن کان موٽر سائيڪل، 12 هزار روڪ رقم ۽ 2 موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، متاثر استاد امتياز علي عباسي طرفان اهڙي واقعي جي اين سي باقراڻي ٿاڻي تي داخل پڻ ڪرائي آهي، هوڏانهن ساڳئي رات ساڳئي جگهه ٽيلينار ٽاور وٽ 4 نامعلوم هٿياربند ڦورن ڳڙي ياسين واسي باقراڻي ۾ هلندڙ روڊ جي ڪم جي ٺيڪيدار ميراڻي ۽ سندس مزدورن کان آ فون موبائيل، 53 هزار روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.