ڀان سيد آباد: پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل اميدوار سوڌو 50 ڄڻن مٿان ڪيس داخل

ڀان سيدآباد  ( ن ع آ ) 15 جنوري تي بلدياتي اليڪشن دوران پولنگ اسٽيشن تي پوليس پاران آزاد اميدوار شاهد پنهيار رحيم شاه سميت 50 ڄڻن تي سيوهڻ ٿاڻي تي سرڪار پاران اي ايس آءِ سڪندر گوپانگ پاران سرڪاري ڪيس داخل ٿي ويو ، ذريعن موجب سيوهڻ ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي يوسي بوبڪ تي بلدياتي اليڪشن دوران آزاد اميدوار شاهد پنهيار، گل حسن پنهيار ، رحيم شاهه بوبڪ ، گلاب خان ڀرٽ ، عطا محمد گهوٽڪي ، امير علي نواب شاهه ، شاهنواز پنهيار ولد رسول بخش پنهيار بوبڪ ، ذوالفقار ملاح ، بشير ملاح ، بخشل ملاح ، مير خان ملاح  ۽ اصد ملاح سميت  50 ڄڻن تي ڪلاڪشڪوفون ، پسٽلس ، ڏنڊا سرڪاري موٽر سائيڪل کي باهه ڏئي ساڙڻ افراتفري ڪرڻ ، جلوس ڪڍي ماڻهن کي حراسان ڪري خوف ڦيلائڻ پوليس تي فائرنگ ڪرڻ جو سيوهڻ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، آخري اطلاعن موجب کنڀي گم ڪيل آزاد اميدوارن کي ظاهر ئي نه ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.