اٽي مافيا حڪومتي حڪم کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو، خيرپور ۾ مهانگو اٽو ملڻ خلاف مظاهرا

خيرپور(ڊ ر) اٽي مافيا سنڌ حڪومت جي حڪم کي به هوا ۾ اڏاري ڇڏيو اٽي جي قيمتن ۾ ڪابه گھٽتائي نه ڪئي وئي اٽي مافيا جي اڳواڻن شنڪر لال ۽ جھامن داس لقماني اٽي جي في ڪلو تي 10 روپيا وڌيڪ چاڙهي ڇڏيا ۽ شهر اندر اٽو في ڪلو 160 روپيا وڪرو ٿيڻ لڳو جنهن عمل خلاف خيرپور شهر جي مختلف هنڌن تي ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري اٽي مافيا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، جنهن اڳواڻي وائيس آف خيرپور جو اڳواڻ ايڊوڪيٽ فياض خميساڻي،هاري ڪميٽي سنڌ جو صدر مير منور علي ٽالپر،ايڊوڪيٽ مرزا خان ڪٽوهر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن احتجاجي ڪندي ٻڌايو ته خيرپور جي ضلعي انتظاميا مڪمل طور تي ختم ٿي وئي آهي ۽ اٽي مافيا اڳيان پنهنجا گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن، سڄو ضلعو اٽي جا ٻه واپاري ديوان شنڪر لال ۽ جھامن داس لقماني پيا هلائن ڪوبه سندن خلاف قانوني قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته خيرپور جا غريب ماڻهون بيروزگاري ۽ مهانگائي کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن، هنن ڊي سي خيرپور کان گھر ڪئي ته خيرپور ضلعي ۾ اٽي جو بحران پيدا ڪندڙ مافيا واپارين خلاف قانوني قدم کنيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ روز جي بنياد تي احتجاج ڪيو ويندو جنهن زميواري ضلعي انتظاميا ۽ خيرپور جي اٽي مافيائون تي هوندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.