ملاڪاتيار ۾بچاءُ بند جي 150 فٽ پٿرن جي پچنگ لڙهي وئي، علائقي ۾ خوف، احتجاج

ملاڪاتيار (ن ع آ) ملاڪاتيار حاجي پور بچاء بند کي آر ڊي 6.2 وٽان 150 فٽ تان پٿرن واري پيچنگ ڌماڪي سان ڪري پئي، ڳوٺن ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ۾ شريڪ اڳواڻن آڍو بروهي، جواد شاه، محمد علي سومرو، نصرالله سمون، ۽ ٻين ملاڪاتيار سنڌو درياهه حاجي پور بچاء بند تي احتجاج ڪندي چيو ته ملاڪاتيار سنڌو درياهه جي حاجي پور بند کي 2013ع ۾ چار عرب روپين جي لاڳت جو ٽينڊر ٿيو هو جنهن ۾ ڪم ناقص مٽريل، ڪرپشن ٿيڻ سبب بند جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو، ٺيڪيدار رقم هڙپ ڪري ويو، ٻوڏ دوران بند وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو آهي، روزانو جي بنياد تي بند جي پٿرن واري پيچنگ پاڻي ۾ ڪرڻ شروع ٿي وئي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته بند مڪمل طور خراب ٿي ويو آهي وقت سر تعميراتي ڪم نه ٿيو درياهه ۾ پاڻي اچڻ بعد ٽنڊومحمدخان ضلعي جي آس پاس جي علائقن سميت سمورو لاڙ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويندو، هنن سنڌ حڪومت، توڙي آبپاشي کاتي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي حاجي پور بچاء بند جو جلد کان جلد ڪم ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.