خيرپور ۾ غريب عورتن جو بينظير پروگرام جي پئسن مان ڪٽوتي خلاف احتجاج

خيرپور(ڊ ر) بينظير انڪم سپورٽ تحت هلندڙ 7هزار واري قسط مان ڊيوائيز مافيا پاران في عورت کان 1هزار کان 1500سئو روپيا ڪٽوتي ڪرڻ واري عمل خلاف عورتن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ عورتن مسمات سائڻ، مسمات ڪرمان،مسمات ڏني ۽ ٻين چيو ته ڳاڙهي پل تي پئسا هلائيندڙ ڊيوائيز مافيا امان الله الروھ ٺيڙهي شهر ۾ بابو شيخ ۽ ٻيا مافيائون ۽ ايجنٽ في عورت کان 1هزار کان 1500سئو رپيا ڪٽوتي ڪري پوءِ کين پئسا ڏين ٿا، پئسا نه ڏيندڙ عورت کي اهو چئي واپس ٿا ڪن ته تون جا پئسا نه آيا آهن ۽ نه ئي ايندا سروي وڃي ڪرائي اچي جڏهن ته سروي وارا پڻ عورتن جي تذليل ٿا ڪن جڏهن ته هر سينٽر تي ڊيوائيز مافيا جا پرائيويٽ ايجينٽ ويٺل آهن جيڪي عورتن کان پئسا وٺي پوءِ کين قسط وٺي پيا ڏين، هنن ڊي سي خيرپور کان تدارڪ ڪرڻ جي گھر ڪئي آهي. هوڏانهن شناختي ڪارڊ سروي ڪندڙ آفيسر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سروي ڪرڻ جو ڪوبه جواز ناهي ڊوائيز مافيا هر ڀرو عورتن کان پئسا ٿا وٺن ۽ جيڪا عورت کين پئسا ڏيڻ کان انڪار ٿي ڪري ان کي ڪوڙو سروي جو جواز ڄاڻائي واپس ٿا ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.