ڄام صاحب: بينظير پروگرام جي قسط مان ڪٽوتي جاري، عورتن جون دانهون

ڄام صاحب (ن ع آ) ڄام صاحب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط مان ڪٽوتي ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ٿي، هڪ مھانگائي عوام جي چيلھ ڀڃي ڇڏي مٿان وري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط مان غريب مستحق عورتن جي پئسن مان 8 سئو کان هڪ هزار رپيا ڊوائيز مالڪ ڪٽوتي ڪرڻ لڳا،  ان سلسلي ۾ غريب عورتن دانهون ڪندي چيو ته رڪشو لاءِ ڪرايو به پاڙي وارن کان پئسا اڌارا وٺي شهر آيا آهيون، ڪير به واهر ڪرڻ وارو ناهي، متاثر عورتن پاران بي آئي ايس پي ڊائريڪٽر شھيد بينظيرآباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد کان نوٽيس وٺي ڊوائيز مالڪن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.