ڇاڇرو ۾ ٻن ڳورهاري عورتن جا ٻار پيٽ ۾ فوت، ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام، وارثن جو احتجاج

ڇاڇرو (رپورٽ: يعقوب بجير) ڇاڇرو جي ڳوٺ بينڊاڻي جي رهواسي هرڳڻ مينگهواڙ سندس گهر واري کي ويم ڪرائڻ خانگي اسپتال آندو، جتي ڊليوري دير سان ڪرائڻ سبب ٻار پيٽ ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڇاڇري جي ڳوٺ رڻڇي جو تڙ جي رهواسي علي حسن راهمون جي 35 سالن جي ڳورهاري عورت زهرا کي به وارث ويم لاءِ ساڳي اسپتال لو اينڊ ٽرسٽ آندو وارثن موجب ڳورهاري عورت 8 ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ تڙپندي رهي پر اسپتال انتظاميا کي رحم نه آيو ۽ ٻار پيٽ ۾ فوت ٿيڻ کانپوءِ ويم ڪرايو ويو. فوت ٿيل ٻارڙن جي وارثن ٻارن جا لاش کڻڻ کان انڪار ڪري غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي خلاف احتجاج ڪيو. عورت جي وارثن جو چوڻ هو ته ڳورهاري عورت کي ايمرجنسي ۾ ويم لاءِ اسپتال آندي پر عورت ويم لاءِ تڙپيندي رهي ڊيوٽي نرس کي منٿون ڪرڻ باوجود ڌيان ڏيڻ بدران بدتميزي ڪندي رهي، نرسن جي غفلت سبب ٻار پيٽ ۾ فوت ٿي ويو. ٻي پاسي خانگي اسپتال جي انچارج انور سنڌو جو چوڻ آهي ته هڪ عورت جو ٻار هڪ ڏينهن اڳ پيٽ ۾ فوت ٿيڻ کانپوءِ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندو ويو جنهن جو آپريشن ڪري مُئل ٻار پيٽ مان ڪڍيو ۽ ٻي ڳورهاري عورت جي ويم ۾ غفلت ڪرڻ جي الزام بعد نرس کي نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان معاملي جي شفاف جانچ ڪري رهيا آهيون ۽ غفلت ڪندڙ نرس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.