اي ڊي سي ٽو هٽايو، ماٿيلي ۾ اٽي جي هٿرادو بحران خلاف ڌرڻو

ميرپورماٿيلو (رپورٽ:  پريم راٺوڙ ) اٽي جي هٿرادو بحران خلاف ڌرتي ڌڻي تحريڪ گهوٽڪي پاران ڊي سي گھوٽڪي ميرپورماٿيلو جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اي ڊي سي ٽو ماجد شيخ هٽايو گهوٽڪي بچايو جا نعرا هنيا، ان موقعي تي اڳواڻن سيد افضل بخاري، عمران علي چاچڙ، شيوا راٺوڙ، عابد بوزدار ۽ ٻين چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ اٽي جو هٿرادو بحران پيدا ڪري عوام کان ٻن ويلن جي ماني کسي پئي وڃي، جيڪا هتان جي غريب عوام سان وڏي زيادتي آهي، هنن چيو ته اي ڊي سي ٽو ماجد شيخ جهانپور شريف لاءِ سستي اٽي جي اسٽال جو ليٽر جاري ڪيو هو جيڪو ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر دلدار ڪلوڙ ليٽر وٺڻ به پسند نه ٿو ڪري، هنن وڌيڪ چيو ته ضلعي گهوٽڪي جي انڌي، گونگي، ۽ ٻوڙي انتظاميه غريب ماڻهن سان ويڌن ڪرڻ ۾ مصروف آهي، هنن وڌيڪ چيو ته ڊي سي گهوٽڪي توڙي اي ڊي سي ٽو ماجد شيخ غريب عوام کي ريلف ڏيڻ بدران غريب عوام کي ڦرڻ لڳا آهن، هنن سنڌ سرڪار کان گهوٽڪي ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ اسٽال قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.