ڪوٽڏيجي ويجهو مسافر وين ڪلٽي، 10 کان وڌيڪ زخمي

ڪوٽڏيجي(ن ع آ) ڪوٽڏيجي جي علائقي ديھ سوهو ڀرسان خيرپور کان ٺري ميرواهه ويندڙ تيز رفتار مسافر وين جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب وين لٽي ٿي پيو 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا زخمين کي علائقي واسين ڪوٽڏيجي ۽ خيرپور جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو زخمين ۾ غلام شبير بڙدي ، غلام قادر چنو، مسمات سهاڳڻ زال غلام مصطفي بڙدي، رحيم خاتون سمیت ٻيا شامل هئا جڏهن ته تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو موجود نه هجڻ سبب زخمي تڙپندا رهيا، اطلاع تي اسسٽنٽ ڪمشنر دريان خان چانڊيو مختيار ڪار ڪوٽڏيجي اسپتال پهچي زخمين کي تڙپندي ڏسي ايم ايس ڊاڪٽر ڪرامت حسين ٿيٻو تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ ڊي ايڇ او خيرپور سان رابطو ڪري ڊيوٽي تان غائب رهندي عملي خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي.ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڏيجي دريان خان چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته اڳ به اسپتال انتظاميه خلاف ڪافي شڪايتون مليون ايم ايس جي بي ڌياني سبب ايمرجنسي وارڊ ۾ ڪو به عملو موجود نه هو زخمي تڙپندا رهيا، اسپتال انتظاميا خلاف سيڪريٽري هيلٿ ڏانهن ليٽر لکي ڊيوٽي تان غائب عملي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.