پڊعيدن ريلوي اسٽيشن تان همراهه جي موٽر سائيڪل چوري

پڊعيدن ( ن ع آ ) اسٽيشن ريلوي پليٽ فارم تان اسلم مٺائي واري جي پٽ ماجد راجپوت جي، سي ڊي 2016ماڊل چاٻي چور موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا

اسلام ڪوٽ ۾ ڇوڪرين کي بليڪ ميل ڪندڙ جوابدار سوگهو

اسلام ڪوٽ(ت،ر) اسلام ڪوٽ شهر ۾ ننڍي عمر جي شاگرين کي تنگ ۽ بليڪ ميل ڪندڙ هڪ ڄڻي کي پاڙي وارن پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو،سوٽهڙ پاڙي جي رهواسين اوباس نوجوان وقار ڏهوٽ کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو،ڄاڻايل پاڙي جي رهواسين پاران ڪجھ مهينا اڳ ۾ اوباس ڇوڪرن خلاف پوليس کي درخواست ڏني وئي هئي پوليس پاران ڪاروائي نه ڪرڻ بعد ٻيهر واقعو پيش آيو،سوٽهڙ برادري جي ماڻهن موجب ته اوباس ڇوڪرن جو هڪ وڏو ٽولو آهي جيڪو شاگردن کي تنگ ۽ بليڪ ميل ڪندو رهي ٿو،پڪڙيل همراھ اعتراف ڪيو آهي ته ٻيا به نوجوان مون سان گڏ آهن،هنن مطالبو ڪيو آهي ته انتظاميا اوباس ٽولي خلاف ڪاروائي ڪري ته جيئن ڪو شاگرد شهر به نڪري سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.