ڏوڪري لڳ غريب عورتن جي وظيفي مان ڪٽوتي، سينٽر آڏو احتجاج

موهن جو دڙو ( ن ع آ ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سامٽيا ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قائم سينٽرن تي رشوت جي بازار گرم ، جڏھن ته غريب مسڪين ۽ لاچار عورتن جي پئسن مان سينٽر انتظاميا ھڪ ھزار کان پندرهن سو روپيا ڪٽوتي ڪري رهيا آھن، جڏھن ته مستحق عورتن پئسن جي قسط مان ڪٽوتي ڪرڻ تي سينٽر انتظاميه خلاف احتجاج ڪيو آھي، ان موقعي تي صنم خاتون،حليمان خاتون، شمشاد خاتون ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ سامٽيا ۾ بينظير انڪم سپورٽ سينٽر انتظاميه ڊوائيز هولڊر خادم جهتيال،ياسين گودڙائي اسان غريب مسڪين عورتن جي آيل رقم جي قسط مان رشوت طور ھڪ ھزار کان پندرهن سو ڪٽوتي ڪري رهيا آھن جيڪا اسان مسڪين عورتن سان وڏو ظلم آهي، هڪ طرف برسات ۾ اسان جا گهر ڊھي ويا آھن ٻئي طرف اسان جي آيل قسط مان سر عام ڪٽوتي ڪري رهيا آھن.ھنن چيو ته رشوت نه ڏيڻ وارين عورتن کي سڄو ڏينهن ويهاريو وڃي ٿو ۽ شام جو بنا پئسن جي ڳوٺ واپس وڃون ٿيون، اختياريون نوٽيس وٺن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.