سنڌ، سيد ۽ سن، ٽئي نالا نينهن جا…

عامرانصاري

صدين جي ھِن تاريخ ۾ سنڌ مٿان جيڪي به ھزارين ٻاھران حملا ۽ يلغارون ٿينديون رهيون آهن جن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي سنڌ کي بچائڻ لاءِ منھن مقابلا ڪري ھِن ڌرتي تان پير پٽڻتي مجبور ڪيو آهي جنھن جي ڪارڻ سندن حصي ۾ ڪيتريون ئي تڪليفون مليون آھن پر تنھن باوجود به سنڌ جي بھادر سپاھين سمورين تڪليف ۽ سختين کي ھڪ پاسي رکي سامراجي قوتن سان مھاڏو اٽڪائي جنگ جوٽي پنهنجي وطن جو مانُ مٿانهون ڪيو آهي ڌرتي ڌڻين جا رَتَ ۾ ڀريل سفيد پھراڻ گلابي چھرا ۽ من اندر مان نڪتل مزاحمتي آوازن سامراجي قوتن کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون ھزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ سامراجي قوتن ڌرتي ڌڻين جا ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪري حملي آورن گھوڙا ھلائي چيٿاڙي ڇڏيو سنڌ جي نياڻين کي باندي بڻائي سرِعام بازارن ۾ وڪيو ويو ۽ ڪيترين ئي سنڌ جي نياڻين جون چيهاڙيل چوليون مليون جن نياڻين جون حملي آور رھزن ۽ ڦورن عزتون لٽي نيلام ڪيون جيڪي تاريخ جي خوني ڳلين ۾ چٽي طرح نقش ٿيل آهن جن ھميشه سامراجي قوتن سان مھاڏو اٽڪائي پنھنجي سنڌ وطن کي ڌارين جي حوالي نه ڪرڻ لاءِ مزاحمت ڪئي.

اُن وقت پنج هزار سالن جي تھذيب سنڌ ڌرتي اھڙيون ناانصافيون ڏسي ضرور ڇرڪي اُٿي ھوندي ۽ موھن جي دڙي جي ڪنگ پريسٽ جو ڀٽڪندڙ روح ڌرتيءَ تي اُن باغي شخص جي ڳولا ۾ مشغول ھوندو جنھن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ لاءِ محبت سمايل ھئي جنھن جو جنم ھِن سرزمين سنڌ تي سنڌوءَ ڪناري جي اولهه پاسي سن نالي ھڪ ننڍڙي شهر ٿيو جيڪو غلام مرتضيٰ مان سائين جي ايم سيد جي نالي سان سڄي سنڌ ۾ مشهور المروف ٿيو جنھن کي سن جو سائين ۽ سنڌ جو سائين به سڏيو وڃي ٿو.

شايد فطرت ھِن کي اِن عشق لاءِ پيدا ڪيو ھو جنھن پنھنجي محبوبا سنڌ ڌرتيءَ سان وفائي جا وچن ورجائيندي دنيا جي سمورين  آسائشن کي پاسيرو رکي سنڌ سان عشق ڪيو ھِن سنڌ جي عاشق اُھو عشق ڪيو جنھن ۾ سسئي جي پهاڙن جھڙا اوکا پنڌ ۽ پير پٿون به ٿيل ھئا ته وري پنهنجي مارون، ٻوليءَ ۽ ثقافت جا رنگ به ڀريل ھئا جنھن جي رڳ رڳ ۾ سنڌوءَ جون لھرون شامل ھيون جنھن جي وسيع سوچ ۾ ڏاھر جي ڏاھپ، ھوشو جي ھشمت، دولھه جي دليري ته وري درياهه خان جي رت ڦڙن جي رنگت سمايل ھئي جنھن سن جي سيد کي عشق کي اَڃا به اُتم بڻائي ڇڏيو اھڙو باغي مھان عاشق جنھن جي خمير ۾ بيوفائي جو تصور ئي ڪونه ھو.

سن جي سيد جو اُن دور ۾ جنم ٿيو جڏهن سنڌ ڌرتيءَ مٿان غلاميءَ جو راڄ قائم ٿي چُڪو ھو پاڻ اُن کي پنھنجي فڪر ۽ سوچ سان سنڌ جي ماڻهن کي ھِن سج گرهڻ واري غلاميءَ مان ڪڍڻ لاءِ حق سچ جي راھه تي ھلندي سنڌ جي ماڻهن کي گڏ ڪري سنڌي قومپرستي واري نظرياتي فڪر سان روشناس ڪرايو جيڪا سنڌ ڌرتيءَ حملي آورن جي ھٿان پَنھنجي حقيقي وجود کان آھستي آھستي محروم ٿيندي پئي وڃي جيڪي ورھين کان سنڌي ماڻهو غلاميءَ واري زندگي گذاريندا هئا ۽ غلامي جي زنجيرن کي پنھنجو نصيب سمجهي ويٺا هئا ذات پات قبائلي سوچ سان سلھاڙيل نسلن، ذاتين ۽ قبيلن ۾ ڇڙوڇڙ ٿيل ھئا ذاتين قبيلن کي قوم جو تصور ڏيندا هئا زمين جي ٽڪرن تان ھڪٻئي جا ڪونڌر پٽ ماري ڇڏيندا هئا.

اُن وقت رھبر سائين جي ايم سيد پنهنجي وسيع سوچ ۽ مطالعي جي آڌار تي سنڌ جي ماڻهن کي ٻڌايو ته توهان ذاتين ۽ قبيلن ۾ ورھايل ماڻهو قوم ناھيو پر قبيلا آھيو، قوم اُھا ھوندي آھي جنھن جي تھذيب، ڪلچر، جاگرافي حدون ۽ ھزارين ورھين جي تاريخ ھوندي آھي تنھن کي قوم چئبو آهي. جڏهن سنڌ اندر مذهبي انتهاپسندي جي باھه ڀڙڪي چڪي ھئي اُن وقت سائين جي ايم سيد انتھاپسندي جي باھه ڀڙڪائيندڙ خلاف ”جيئن ڏٺو آهي مون“ جھڙا ڪتاب لکي حقيقت جي ڪسوٽيءَ تي سنڌ جي ماڻهن کي غلامي مان ڪڍڻ لاءِ تاريخي حقيقتن کان روشناس ڪرايو ۽ مذهبي انتھاپسندي جي پٿرن کي رستي تان ھٽائي ڇڏيو جيڪي سندس راھه ۾ رڪاوٽ بڻيل ھئا جنهن کي مختلف مذهبن جي ڪثرت پٺيان وحدت جو پس منظر شاهه عنايت صوفي شھيد جي تعليمات ۽ شاهه لطيف جي شاعري جي فڪري آبياري حاصل ھُئي اُن کي وڌيڪ پڪو پختو مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جي صحبت ۽ تعليمات ڪيو اُھو ڪم وحدت فڪر ۽ وحدت عمل جي پڪي پختي آڌار تي آهي جيڪو وحدت فڪر اڳتي ھلي پيغام سنڌ جو روپ ڌاري سنڌي قوم لاءِ ”اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني نوع انسان“ جي صورت اختيار ڪري سنڌي قوم ۾ آزاديءَ جي فڪر کي سنڌي ماڻهن تائين پهچايو.

سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جو اھڙو ته فڪري وارث ھو جنهن جي نظر ۾ انسانيت سڀ کان پھريان اُتم ھُئي. ھن جي وطن سان محبت ۽ ڌارين سان نفرت ڪرڻ ھِن عظيم انسان جي موروثي ملڪيت ھئي جيڪا سندس ڏاڏي شاهه حيدر سنائي طرفان حصي ۾ ملي جيڪو مخدوم بلاول جي تحريڪ جو روح روان ھيو جنھن سنڌ اندر ڌارين خلاف سراپا مزاحمت ڪري ميران محمد جونپوري جا ٻيڙا ساڙي ڪابل ڀڄڻ تي محبور ڪيو جنھن وٽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ايتري ته بي پناھه محبت سمايل ھئي جيڪا ھڪ پل ۾ نوجوانن کي موھي ڇڏيندي هئي اُھو ئي سبب ھو جو ھِن عظيم سن جي پوڙهي جھور شينھن جي سنڌ سان محبت ڏسي سنڌ جا ھزارين ڳڀرو نوجوان عاشق ٿي پوندا هئا. سنڌ جو هي واحد پوڙھو شخص ھو جنهن جا عاشق سڀ جوان هيا سن جي سيد جي محبت ۽ پيار اُنهن نوجوانن لاءِ ڇپر ڇانوَ بڻجي ويندو ھو جڏهن سياري جي سرد موسم ۾ قومي ڪارڪنن سيءَ ۾ ڏڪندا ھئا تڏھن پاڻ اُنهن مٿان چادر اوڙهي ڇڏيندو ھو جڏهن به بک سبب قومي ڪارڪنن جا چھرا مرجھائجي ويندا هئا تڏهن پاڻ گھران ماني کڻي اچي پاڻ کارائيندو هو ھِن باغي شخص جو پيار ۽ شفقت قومي ڪارڪنن لاءِ ماءُ پيءُ جھڙو ھوندو ھو سندس جو بي پناھه پيار سمورن نوجوانن جا ڏک سور دور ڪري ڇڏيندو هو جيڪو دنيا جي سمورين محبتن کان مٿانهون ھيو اھڙي محبت کي ڏسي ڪري سندس جي عاشقن جو انگ وڌندو ويو جيڪو عشق سن جي پوڙھي جھور شينھن سنڌ سان لڳايو ۽ سنڌ اُن سان ازلي نينھن جو ناتو جوڙي ڇڏيو جتي بيوفائي جو تصور ئي ڪونه هو.

سائين جي ايم سيد نه صرف سنڌي قوم جو عاشق ھو جنھن ھميشه سنڌ سان محبت ڪرڻ سيکاري جنھن جو محور سنڌ ۽ سنڌ جي آزادي ھو ھُن سڄي عمر پنھنجي سنڌ وطن لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سائين جي ايم سيد سنڌ جي بقا، خوشحالي ۽ قوم جي ڀلائي آزاديءَ ۾ سمجھندي سنڌ جي آزاديءَ جو نعرو ھنيو جنھن سبب ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو سنڌ جي عشق ھِن باغي شخص کي نظر بند ٿيڻو پيو قيد ڪاٽڻا پيا پر تاريخ گواھه آهي ته جنهن ويل به سنڌ مٿان سامراج جو قھر ٽُٽو ۽ مختلف روپن ۾ سازشي ھوائن ماتر ڀومي سنڌ جو رخ ڪيو تڏھن سائين جي ايم سيد وطن جي دفاع لاءِ سازشين ۽ سامراج خلاف اڏول ٿي بيٺو رھيو سنڌ جي خوشحالي ۽ آزادي واري راھه تي ھلندي شايد ئي ڪوئي عذاب ھجي جيڪو سائين جي ايم سيد سنڌ جي عشق ۾ ڀوڳيو نه ھجي سندس لاءِ جيلن جا در کليا کيس نظربند ڪيو ويو سندس تحرير ۽ تقرير تي بندش وڌي وئي سندس مٿان مختلف تھمتون ھڻي نقادن بيجا تنقيد ڪئي وئي پر اُن باوجود به سيد سموريون تهمتون سِر تي رکي هماليا جيڏو حوصلو کڻي سنڌوءَ جي پويتر جل جيان پنهنجي ڪردار ۾ پاڪائي رکندي اڳتي وڌندو رهيو پر تنهن باوجود به سنڌ جي سيد وطن جي عشق ۾ بغير ڪنهن شڪايت جي اُھي سڀئي عذاب سٺا کيس نه ڪا فتويٰ ٽوڙي سگهي. سائين جي ايم سيد جي سوچ جو دائرو وسيع هو سندس سوچ انفرادي نه بلڪه اجتماعي هُئي جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو انفرادي طور سوچيندا آهن ۽ انفرادي زندگي جيئڻ جا عادي هوندا آهن پر سائين جي ايم سيد ڪڏهن به انفرادي طور نه سوچيو سندس سوچ ۽ لوچ سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ هُئي هِن پنهنجي زندگيءَ جي مختلف وقتن ۾ ڪيترائي تاريخ ساز فيصلا ڪيا سياسي طور ڪيتريون تبديليون آندائين اهڙيءَ ريت سائين جي ايم سيد جي زندگي عمل جي ميدان ۾ گُذري. پاڻ سدائين سنڌ سان عشق سبب سنڌي عوام جي هُجومن ۾ رهيو ۽ عوام سان گڏ رھيو سائين جي ايم سيد جي سنڌ سان وفائي ۽ محبت تاريخ ۾ اھم مثال قائم ڪيو آهي جڏهن سنڌ نالو کنيو ويندو آهي ته اُتي سائين جي ايم سيد جو به نالو کنيو ويندو آهي.

اڄوڪي ھِن عظيم ڏينهن تي 17 جنوري تي رھبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد جي 119 سالگرهه جي موقعي تي نمي سلام پيش ڪجي ٿو ۽ اُن سان گڏوگڏ نماڻي وينتي ٿي ڪجي ته سنڌ جي سياسي ڪعبي سن ۾ سمورا پروگرام گڏجي ھڪ قومي تراني ۽ ھڪ پليٽ فارم تي ڪيا وڃن جيڪڏهن اڄ گڏ نه ٿياسين ته ايندڙ مستقبل ۾ تمام ڀيانڪ نتيجا سامھون ايندا جنھن لاءِ ضروري آهي ته ھڪ ٿيون.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.