ميهڙ جي مقتولن جي ورسي ۽ ام رباب جي جدوجهد

مير ذوالفقار چانڊيو

17 جنوري 2018ع تي ڏينهن ڏٺي جو ميھڙ شهر جي وچ اندر انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪندي ھڪ ئي گھر جي ٽن فردن پيپلز پارٽي جي اڳواڻن چانڊيا برادريءَ جي نوجوانن جنهن ۾ 65 سالن جي پيپلز پارٽي جي يوسي چيئرمين رئيس ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن 45 سالن جو ضلع ڪائونسل ميمبر مختيار علي چانڊيو 28 سالن جي نوجوان زنوار قابل خان چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو. ھڪ ئي وقت ٽنھي ڪونڌر مڙسن توڙي مزاحمتي اڳواڻن کي قتل ڪري سندن گھر وارن جي لاءِ قيامت صغرا جھڙو ماحول برپا ڪري پل ڀر ۾ معصوم ٻارڙن کي يتيم نياڻين نماڻين کي بيواھ ته  غريبن مسڪينن کي لاوارث بڻائي ڇڏيو ظالم قاتل اھڙو ظلم ڪري ويا جيڪو ڪڏهن به  نه  وسري سگھي ٿو نه  وري تاريخ جي تختي تان مٽجي سگھي ٿو ھي ظلم ھي خوني واقعو ھميشھ تاريخ اندر نروار بنجي سردارن ڀوتارن حڪمرانن عدالتن کان انصاف جو طلبگار رھندو.

اھڙي افسوسناڪ واقعي جي ڪجھه  ڏينهن کان پوءِ وارثن پاران مقتولن جو ڪيس وڙھڻ توڙي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ قانون جو دروازو کڙڪايو جتي ٿاڻن توڙي سنڌ جي ڪيترن ئي عدالتن جا اڄ تائين چڪر ڪاٽي رهيا آهن پر اڃا تائين انصاف نه  ملڻ قانون جي منھن تي زوردار چماٽ آهي ته  ھڪ ڪيس ۾ فريادي ڌر کي انصاف ملڻ لاءِ پنج سال پورا ٿي ويا آهن کين اڃا تائين وارثن کي انصاف نه  ملي سگهيو آهي.

سندن وارثن مان ھڪ نياڻي نماڻي قانون جي شاگردياڻي ام رُباب چانڊيو آهي جيڪا وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ھر فورم تي توڙي سنڌ جي ھر عدالت سڳوري اندر جنھن ۾ خاص ڪري دادو ماڊل ڪورٽ ھاءِ ڪورٽ سنڌ ميرپور ماٿيلو رجسٽري ڪورٽ لاڙڪاڻو ڪورٽ سميت سپريم ڪورٽ اسلام آباد تائين قانوني جنگ وڙهي رهي آهي جتي پڻ عدالتن اندر انصاف ملڻ ته  پري جي ڳالھه  آهي کين بار بار عدالتن مان تاريخ تي تاريخ ڏئي ڪيس کي سست رفتاري سان ھلايو پيو وڃي يا وري مظلوم وارثن کي مختلف وقتن تي پريشان ڪري خوني حملا ڪري کين ڊڄارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي پر ام رُباب چانڊيو وڏي بھادري ھماليه  جبل جھڙي مضبوط ھمت حوصلي سان جوابدارن خلاف عدالتي جنگ وڙھي رھي آھي جنھن ۾ 5 سالن اندر ڪيس ھِن موڙ تي پھتو آھي ته  پيپلز پارٽي جي موجوده ٻن ايم پي اي سردار ڀائرن نوابزاده غيبي سردار خان چانڊيو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ برهان خان چانڊيو سميت چئن جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي جڏهن ته  اڳوڻي ايس ايڇ او عبدالڪريم چانڊيو کي جوابدارن سان مسلسل رابطي ۾ رھڻ جي ڏوھ ۾ جوابدار طور ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو آهي باقي پنج سالن ۾ وارثن کي ھر عدالت سڳوري مان انصاف ملڻ بجاءِ تاريخ تي تاريخ ملندي رهي آهي کين انصاف ملڻ مشڪل بڻجي رهيو آهي ڪٿي انسان وڪامجي ويندو آهي ته  ڪٿي وري انصاف وڪامجي ويندو آهي پر منھنجي وطن عزيز پاڪستان ۾ ٻئي آسانيءَ سان وڪامجي ويندا آهن، جنھن وٽ دولت طاقت ھوندي ان کي انصاف ملندو باقي اسان جي معاشري ۾ غريبن مظلومن جا صرف خواب وڪامجي ويندا آهن ھن ملڪ توڙي نظام جي ھڪ حقيقت ۽ پراڻي روايت ھي به  رهي آهي ته  پاڪستان ۾ انصاف جو ملڻ آسان ناهي هتي انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ حضرت نوح عليه السلام جي عمر ۽ قارون جو خزانو گهربل هوندو آهي جيڪو ميھڙ جي مقتولن جي وارثن وٽ نه  ھجڻ ڪري کين انصاف ملڻ ۾ شايد دير ٿي رهي آهي اھڙي عدالتي نظام توڙي انصاف نه  ملڻ واري صورتحال تي پڻ ڪيترائي سوال جنم وٺي رهيا آهن ته  آخر عدالتن اندر غريبن مظلومن کي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ايتري دير ڇو ڪئي ويندي آهي؟ ڇا واقعي جوابدار قانون کان طاقتور آھن اِن ڪري مظلومن کي انصاف نه  ملي رهيو آهي ؟

ڇا واقعي ڪيس کي ڄاڻي واڻي سست رفتاري سان ھلائي ڪيس کي وڏي عرصي تائين ھلايو ويندو يا وري جوابدارن کي قانوني طور تي ڪا سزا ملندي عدالت سڳوري جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان پوءِ ڪيس کي وڏي عرصي تائين سست رفتاري سان ھلائيندي رھندي يا وارثن کي انصاف ملي سگهندو ؟ مائي جندو جي پٽن جو ڪيس ۽ ان جي لازوال جدوجهد جنھن ۾ ان وقت جوابدارن کي ڦاسي جي سزا ملي ھئي ان کان پوءِ ھي واحد ڪيس آهي جنهن جي پيروي ڪرڻ انصاف جي حاصلات لاءِ ام رُباب چانڊيو جي ڪيل جدوجهد تاريخ ۾ سنھري اکرن سان لکي ويندي ته  پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻن عورتن پنھنجي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ پنھنجي حسين جوانيءَ سان گڏ سڄي زندگي عدالتن جا چڪر ڪاٽيندي گذاريا.

اميد آهي ته  ام رُباب چانڊيو جي جدوجھد ھڪ ڏينھن ضرور رنگ لائيندي ۽ مائي جندو وانگر پنھنجي وارثن جي قاتلن کي سرعام ڦاهي ڏياري مائي جندو سان گڏ نالو لکرائڻ ۾ ڪامياب ويندي عدالتن سڳوري مان اميد آهي ته  ھڪ نه  ھڪ ڏينھن ضرور سنڌ جي نياڻي نماڻي ام رُباب چانڊيو کي انصاف ملندو ۽ سندس جدوجھد رنگ لائيندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.