اٽي لاءِ واجهائيندڙ عوام ۽ ماني لاءِ پريشان ماروئڙا!

ڄام صنم سنڌي

شاعر چيو آھي ته:

پریت نا جانے جات کجات،  نیند نا جانے ٹوٹی کھاٹ،

بھوک نا جانے باسی بھات،   پیاس نا جانے دھوبی گھاٹ۔

ڪيڏو نه درد ۽ الميو سمايل آھي انھن سٽن ۾؟؟ مون کي ھن وقت پنھنجي وطن جي مسڪين، غريب ۽ پورھيت ماڻھن جو حال اھو ئي ڏسجي ٿو، وٽن پيئڻ لاءِ صاف ۽ پاڪ پاڻي آھي ۽ نه وري کائڻ لاءِ ماني. پاروٿي ماني ۽ ڀت به جيڪي کين ڪٿان ملي ٿو ته اھو به اوبر يا اڇلايل ۽ بچيل سچيل.

مون ڪڏھن تصور به نه ڪيو ھو ته جنھن خوشحال ۽ مالدار سنڌ ۾ منھنجو جنم ٿيو آھي اتي ڪڏھن منھنجي مارن کي اھڙا ڏينھن به ڏسڻا پوندا پر چي گويرا چوي ٿو ته ”جنھن قوم کي تاريخ سان دلچسپي نه ھجي انھن جو حافظو ڪمزور ۽ مزاج جذباتي ھوندو آھي اھو ئي سبب آھي جو ھُو پنھنجي ليڊر جي چونڊ ۾ اڪثر ڪري ڌوڪو کائيندا آھن.“ اسان جي قوم جو حال به اھو ئي آھي جنھن جي نتيجي ۾ اڄ قوم کي قحط جھڙا بدحال ڏينھن ڏسڻا پئجي رھيا آھن.

مان سمجھان ٿي ته ڏک ۽ ڏڪار انسان کي کائي ويندو آھي اھو ئي سبب آھي جو انھن ٻنھي جي ور چڙھيل انسان شايد ئي بچي سگھندو آھي ھونئين ته ڏڪار جا به گھڻا ئي قسم آھن پر ھن خوراڪ يعني رزق جو جيڪو ڏڪار غريب ماڻھن لاءِ پيدا ڪري کين ھٿرادو طور موت جي منھن ۾ ڌڪيو پيو وڃي اھو سڄو انھن اشرافيا جو احسان آھي جيڪي پاڻ ته ھڪ ئي ويلي تي ويھارو طعام کائن ٿا پر سندن ڪتا، ٻلا ۽ جانور به اھڙي خوراڪ کائن ٿا جنھن جو خرچ ڪنھن غريب جي سڄي ڪٽنب جي راشن کان وڌيڪ ھجي ٿو. ڇا اھو احساسن، جذبن، حيا، انصاف، ضمير ۽ انسانيت جو ڏڪار نه آھي؟ جو کين جانور ته نظر اچن پر بک مرندڙ جيئرا جاڳندا انسان نظر نه اچن؟

اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان وڏو قحط ته قانون جو آھي جنھن سبب سڀني کي من ماني ڪرڻ جو ھر موقعو ملي رھيو آھي اقوام متحده موجب رياست ھر سال اشرافيا کي اربين روپين/ ڊالرن جون مراعتون ڏئي ٿي جيڪڏھن انھن سھولتن کي واپس ورتو وڃي ته پاڪستان مان غربت جو مڪمل طور تي خاتمو آڻي سگھجي ٿو صوبائي وزيرن کان صلاحڪارن ويندي سيڪشن آفيسرن تائين کين ملندڙ رڳو پيٽرول جو ئي اندازو لڳايو وڃي ته الائي ڪيترو پيسو ٺھندو جيڪو غريبن کي سھولتون ۽ بنيادي گھرجون پورو ڪرڻ ۾ ڪم اچي سگھي ٿو ته پوءِ اھڙيون ٻيون نه ڄاڻ ڪيتريون ۽ ڪنھن ڪنھن کي ملندڙ مراعتون آھن ۽ ھونديون جن کي ختم ڪري پيسو عوام تي خرچ ڪيو وڃي ته ھوند ڪو غريب بک نه ڪٽي ۽ نه وري ڪو ڇپر کان محروم رھي. ڪينيڊا جي وزير اعظم جسٽن ٽروڊو کي ھڪ اجلاس دوران سندس پرنسپل سيڪريٽري اچي ٻڌايو ته ”سر توھان جيڪو ڊاڪٽرن جي پگھار ۾ واڌ جو اعلان ڪيو آھي ان تي ڊاڪٽرن احتجاج ڪيو ۽ مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي پگھار گنج آھي سو اھا رقم ملڪ جي ترقياتي ڪمن ۾ استعمال ڪئي وڃي“ تنھن تي جسٽن ٽروڊو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”اھي ڊاڪٽر ناھن، پر حضرت عيسيٰ عليه السلام جي شفا جو ھٿ آھن“ جن ملڪن جا ڊاڪٽر اھڙا منصف ۽ ايماندار ھجن انھن ملڪن جا اڳواڻ ڇا ھوندا؟

تڏھن ئي چوندا آھن ته ”ايماندار ٿيو مالدار ته فرعون به ھو“ جتي گئس ۽ تيل جي ذخيرن جي مالڪي واري حيثيت رکندڙ سنڌ ۾ بک ۽ بدحالي چوٽ چڙھيل ھجي ته پوءِ باقي صوبن جو ڇا حال ھوندو؟ ۽ اڳواڻن جون وري اھي دعوائون آھن ته انھن ٻوڏ متاثرن ۾ به اربين روپيا ورھايا آھن جيڪڏھن اربين روپيا ڇٽڻ جو ڪم حڪومت ڪيو آھي ته پوءِ غربت جي سطح ۾ کوٽ بجاءِ واڌ ڇو آئي آھي؟ سخت ترين سيءَ ۾ ماڻھون پڌري پٽ تي ڇو ويٺا آھن؟ پنھنجي ڌرتي ھوندي به پناھ گيرن واري زندگي ڇو گھاري رھيا آھن؟ بلاول بادشاھ جي جھوليءَ ۾ ڪنھن اھڙو سوراخ ڪيو جو سڄي دنيا کان پنيل پئسا به پورا پئجي نه سگھيا آھن؟

زرداري ۽ شھباز جي سخاوت تي ڪنھن لت رکي آھي جو عوام لاءِ اڄ موت ھڪ مانيءَ کان وڌيڪ سستو آھي؟ ڪڻڪ جا مڻين ٽن گودامن ۾ ڪنا ڪري قوم کي زوريءَ قحط ڏي ڪنھن ڌڪيو آھي؟ ڊاڪٽر، ماستر، اديب، شاعر ۽ قوم جا پڙھيل لکيل سڏائيندڙ ننڍڙين ننڍڙين ڳالھين تي وڏا وڏا احتجاج ڪندڙ پاڻ کي سماج سيوڪ ۽ قوم جي حقن جا ٺيڪيدار سڏائيندڙ سڀ ڇو ماٺ آھن؟ ڇو ڪو احتجاج، ڪو ردعمل، ڪا مزاحمت، ڪو ميڙاڪو ڪو واڪو ناھي ٿي رھيو؟ جڏھن ڪو غريب ۽ مزدور اھو چوڻ تي مجبور ٿي وڃي ته ”مون کي ڪٽنب سميت جيل ۾ وجھو بس ماني کارائجو مان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آھيان“ ايماندار ۽ مالدار جي ميزان ۾ دور حاضر جا حڪمران وقت جا وڏا فرعون لڳندا، جن پنھنجي خدائي قائم رکڻ لاءِ غريبن جي روزي قبضي ۾ ڪري ورتي آھي، پر اھو نه وسارڻ گھرجي ته ھر فرعون جي مقدر ۾ نيٺ غرق ٿيڻ ۽ نشانِ عبرت بنجي وڃڻ لکيل آھي.

اٽي لاءِ واجھائيندڙ عوام ۽ ماني لاءِ پريشان ماروئڙن کي ڏسي مون کي فلسطين جي قومي شاعر محمود درويش جون ھي سٽون ھر ھر ياد اچي رھيون آھن جنھن ۾ ھن پنھنجي محبوبه کي چيو آھي ته:

”مان اڄ صبح تنھنجي لاءِ گلاب خريدڻ وڃي رھيو ھئيس،

پر منھنجا ساٿي بکايل ھئا،

مون انھن لاءِ ماني ورتي،

۽ تنھنجي لاءِ محبت سان ڀريل ھڪ نظم لکي ورتم“

ڪاش منھنجي ڌرتي سان محبت جي دعوا ڪندڙ به ائين ئي ڪن ھا ته اڄ سندن ڪو به ساٿي (ڌرتي واسي) بکايل نه ھجي ھان ۽ محبت ڀريا انيڪ نظم سرججي وڃن ھان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.