اسلام آباد(م ڊ) ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ بابت پي ٽي آءِ اجلاس جي اندرين ڪهاڻي سامهون اچي وئي، ذريعن مطابق ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ بابت گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جو اجلاس گذريل ڏينهن ٿيو هو، جنهن ۾ عمران خان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيو، ذريعن موجب پرويز خٽڪ اڱاري تي ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي ۽ چيو ته اسيمبلي 20 جنوري کانپوءِ ٽوڙي وڃي، هن چيو ته اسيمبلي اڱاري تي ٽٽي ته اليڪشن رمضان ۾ ٿيندي، رمضان ۾ ٽرن آئوٽ گهٽ رهندو ان ڪري اليڪشن عيد کانپوءِ ٿيڻ گهرجي، عمران خان پرويز خٽڪ کي جواب ڏنو ته رمضان ۾ اليڪشن ٿي ته به ٽرن آئوٽ سٺو هوندو،وڏي وزير محمود خان ۽ شوڪت يوسفزئي ٽي چار ڏينهن کانپوءِ اسيمبلي ٽوڙڻ جو چيو جڏهن ته ڪجهه صوبائي وزيرن به اڱاري(اڄ) اسيمبلي ٽوڙڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سرديءَ ۾ مٿين علائقن ۾ چونڊ مهم هلائڻ ۾ مشڪلات ٿيندي،