بدمعاشي ۽ پئسي جي زور تي اليڪشن نتيجا حاصل ڪيا ويا: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي بلدياتي اليڪشن جي نتيجن کي رد ڪندي چيو آھي تہ اليڪشن شفاف نه ٿي آھي. پ پ وزيرن، ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ وڏيرن جي پسند جا آر اوز ۽عملو مقرر ڪري طاقت، بدمعاشي ۽ پئسي جي زور تي اليڪشن نتيجا حاصل ڪيا ويا آھن. پ پ جي شڪست وارين يوسيز تي پراڻيون لسٽون رکيون ويون. پ پ مخالف اميدوارن جي ايجنٽن کي ٻاھر ڪڍيو ويو. اليڪشن کان اڳ ۾ اميدوارن کي زبردستي ھٿ کڻايو ويو،هوڏانن اياز لطيف پليجي ناليواري قانوندان لطيف آفريدي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر لطيف آفريدي جي قاتلن کي گرفتار ڪري انجام کي پھچايو وڃي.  رسول بخش پليجي، خان عبدالولي خان ۽ سردار شوڪت علي جڏھن گڏيل عوامي نيشنل پارٽي ٺاھي، لطيف آفريدي ان جو نائب صدر ھو. شهيد لطيف آفريدي جمهوريت پسند آئين ۽ قانون تي ھلڻ وارو هو. شھيد لطيف آفريدي جون مظلوم قومن، پورھيتن ۽ جمهوريت لاءِ خدمتون ھميشہ ياد رکيون وينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.